Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

نموني وٺي وڃ...! ([1])

(4): ڇُري پهريان کان تيز ڪريو!

ذبح ٿيڻ واري جانور کي آرام پهچائڻ جي هڪ صُورت سرورِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هي بيان فرمائي ته لِيُحِدَّ اَحَدُكُمْ شَفْرَتَهٗ توهان مان هرهڪ کي گهرجي ته ڇري تيز ڪري.!

عالم سڳورا فرمائن ٿا: جانور به موت کان ڊڄن ٿا، ان ڪري گھرجي ته ڇُري کي پهريان کان ئي خُوب تيز ڪيو وڃي، عين ذَبح جي وقت کان پهريان انهن کي ڇُري نه ڏيکاري وڃي ۽ جڏهن ذَبح ڪرڻ لڳو ته تيزي سان ڇُري هلائي جلدي جلدي ذَبح ڪيو وڃي۔([2])

رحمتِ عالميان، سلطانِ ڪون و مڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص جي ڀرسان لنگھيا، هو ٻڪري کي ليٽائي، ان جي ڳچي تي پير رکي ڇُري تيز ڪري رهيو هو، ٻڪري ان ڏانهن ڏسي رهي هئي، پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇا توهان پهريان ايئن نٿا ڪري سگھو؟ ڇا توهان هن کي ڪيئي موت مارڻ چاهيو ٿا؟ ان کي ليٽائڻ کان پهريان پنهنجي ڇُري تيز ڇو نه ڪئي؟([3])

 

ذَبح ڪرڻ جا ڪجھ آداب

  شيخِ طريقت، امير اهلسنت دَامَتْ بَـرَکاتُهمُ الْعَالِيه ذبح ٿيڻ واري جانور کي راحت پهچائڻ جون ڪجھ صُورتون بيان ڪندي فرمائن ٿا:* ڳئون وغيره کي ڪيرائڻ کان پهريان ئي قبلي جي طرف جو تَعَيُّن ڪيو وڃي، ليٽائڻ کان بعد خاص طور تي پٿريلي زمين تي گهلي ڪري ڪعبي ڏانهن منهن ڪرڻ بي زبان جانور جي لاءِ تڪليف جو سبب آهي * ذبح ڪرڻ ۾ ايترو نه ڪـٽيو جو ڇُـري ڪنڌ جي مڻڪي (هڏي) تائين پهچي وڃي ته اها بنا سبب تڪليف آهي، پوءِ جيستائين جانور


 

 



[1]...مصنف عبد الرزاق، جلد:4، صفحہ:393، حدیث:8605 ۔

[2]...جامع العلوم والحکم، صفحہ:164 ۔

[3]...مستدرک، جلد:5، صفحہ:327، حدیث:7637۔