Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

فرياد ڪيو هجي، پوءِ ان شخص جيئن ئي گابي کي ان جي ماءُ جي سامهون ذبح ڪيو ته ان جي نحوست اها ٿي ته ان شخص جو عقل ويندو رهيو، هو پنهنجو ذهني توازُن وڃائي ويٺو۔

ڪافِي عرصو هو انهيء حالت ۾ رهيو، هڪ ڏينهن هو ڪٿان لنگھي رهيو هو، ان هڪ وڻ تي ڳيري جو آکيرو ڏٺائين، اوچتو ان آکيري مان ڳيري جو ٻچو زمين تي ڪري پيو، ان شخص کي گھڻو رحم آيو ۽ ان ٻچي کي کڻي واپس آکيري ۾ رکي ڇڏيو۔ بَس هن رحم جي برڪت سان ان تي ڪرم ٿي ويو ۽ ان جو ذِهني توازُن وري ٺيڪ ٿي ويو۔([1])

سُبْحٰنَ الله! خبر پئي! جانورن تي رحم ڪرڻ سان الله پاڪ رحم فرمائي ٿو! بهر حال! قرباني ڪرڻ مهل هن ڳالھ جو خاص خيال رکيو وڃي ته هڪ جانور جي سامهون ٻي جانور کي هر گز ذَبح نه ڪيو وڃي، بلڪه جنهن جانور کي ذَبَح ڪرڻو هجي، ان کي هڪ پاسي اڪيلي ۾ ڪاهي وڃو، اتي ذَبح ڪريو۔

(3) ذَبح جي لاءِ نَرمِي سان وٺي وڃي!

  جانور تي رَحم جي هڪ صُورت هي به آهي ته جانور کي نه ڇڪجي، نه ئي گهيليو وڃي بلڪه ذَبح جي لاءِ نهايت نرمي سان وٺي وڃجي۔ حضرت ابوسعيد خدري رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمائن ٿا: پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ شخص وٽان لنگھيا، هو ٻڪري کي ڪن مان پڪڙي گھيلندي وڃي رهيو هو، رحمتِ دوعالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: هن جو ڪن ڇڏي ڏيو! ڪنڌ جي ويجھو کان پڪڙيو!([2])

مسلمانن جي ٻئي خليفي حضرت عمر فاروقِ اعظم رَضِىَ اللهُ عَنۡه هڪ شخص کي ڏٺو، هو ٻڪري کي ذَبح ڪرڻ جي لاءِ ٽنگ مان پڪڙي گھيلندي وٺي وڃي رهيو هو، پاڻ فرمايائون: تنهنجي لاءِ خرابي هجي! هن کي موت ڏانهن سٺي


 

 



[1]...جامع العلوم و الحكم ،صفحہ:164۔

[2]...ابن ماجہ، باب اذا ذبحتم فاحسنوا، صفحہ:517، حدیث:3171۔