Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
ڪيفيت رکي جانور کي ذَبح ڪيو وڃي۔ هڪ ڀيري هڪ صحابي رَضِىَ اللهُ عَنۡه بارگاھ رسالت ۾ عرض ڪيو: يا رسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! مان ٻڪري ذبح ڪيان ٿو ۽ مون کي ان تي رحم ايندو آهي، رحمتِ عالَم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: جيڪڏهن توهان ٻڪري تي رحم ڪريو ٿا ته الله پاڪ توهان تي رحم فرمائيندو۔([1])
افسوس! افسوس! اسان وٽ معاملو اُبتڙ آهي، ماڻهو قرباني جي وقت جانور جو تماشو ڏسي رهيا هوندا آهن، ڪي نادان ته جانور کي تڙپندو ڏسي تاڙيون وڄائيندا آهن بلڪه اڄڪلھ ته انٽرنيٽ ۽ سوشل ميڊيا جو دَور آهي، ماڻهو جانور جي، ان جي تڙپڻ جي ويڊيوز(Videos) ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندا آهن، الله پاڪ اسان کي هدايت نصيب فرمائي! هي وقت تماشو ڏسڻ جو نه بلڪه رَحم دِلي جي سبب لڙڪ وهائڻ جو آهي، ان جانور جي خوش قسمتي جو هو الله پاڪ جي نالي تي قربان ٿي رهيو آهي، ان جي خوش قسمتي تي رشڪ ڪرڻ جو وقت آهي۔
(2): هڪ جانور جي سامهون ٻئي کي ذَبح نه ڪريو!
پيارا اسلامي ڀائرو! جانور سان ڀلائي جي هڪ صورت هي به آهي ته هڪ جانور جي سامهون ٻئي جانور کي ذبح نه ڪيو وڃي۔ خاص طور تي ماءُ جي سامهون ان جي ٻچي کي يا ٻچي جي سامهون ان جي ماء کي هر گز ذَبح نه ڪريو!
منقول آهي: هڪ شخص هو، هڪ شخص هو، ان گابيء کي ان جي ماءُ جي سامهون ذَبح ڪيو، ظاهر آهي ان جي ماءُ کي تڪليف ٿي هوندي پر بي زبان جانور پنهنجو ڏُک ڪنهن سان بيان ڪري؟ ان جي ڪير ٻڌي؟ الله پاڪ! جيڪو رَبُّ العالمين آهي، جانور اُن جي بارگاھ ۾ عَرض ڪن ٿا، اهو ئي آهي جيڪو سڀني جي ٻڌي ٿو، شايد اُن گابي جي ماءُ به الله پاڪ ئي جي بارگاھ ۾