Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
ذَبح ٿيڻ واري جانور جي حق ۾ رحم دِل ٿيڻ جو بيان
پيارا اسلامي ڀائرو! رسولِ اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هڪ اُصُول بيان فرمايو ته اِنَّ اللہَ کَتَبَ الْاِحْسَان َعَلٰی کُلِّ شَیءٍ بيشڪ الله پاڪ هر شيء تي اِحسان ۽ ڀلائي جو حڪم ڏنو۔ هي اُصول بيان ڪرڻ کان بعد پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: وَاِذَا ذَبَحْتُمْ فَاَحْسِنُوا الذِّبْحَ ۽ جڏهن توهان ذبح ڪريو ته ان ۾ به اِحسان ۽ ڀلائي جو لحاظ رکو! وَلْيُحِدَّ اَحَدُكُمْ شَفْرَتَهٗ وَلْيُرِحْ ذَبِيحَتَهٗ توهان مان هرهڪ ڇُري کي تيز ڪري! ۽ پنهنجي ذبيحي (يعني جانور) کي راحت پهچائي!! ([1])
حديثِ پاڪ جي هن حِصي ۾ رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ خاص ڪري ذَبح جي وقت جانور تي رحم ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ ذَبح جي وقت جانور تي رَحْم ڪيئن ڪرڻو آهي؟ عالم سڳورن هن جون مختلف صُورتون بيان ڪيون آهن۔
(1)دِل ۾ رِقَّت(نرمي) رکي ذَبح ڪريو!
امام شَعۡراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: (ذَبَح جي وقت جانور تي رَحم ڪرڻ جي هڪ صُورت هي آهي ته جڏهن) اسان جانور کي ذَبح ڪري رهيا هجون، ان وقت به اسان جي دِل ۾ رِقّت موجود هجي۔([2])
يعني الله پاڪ جي حڪم تي عمل ڪندي اسان جانور کي ذبح ته ڪريون پر ان جي صُورت هي هجي ته جڏهن اسان جانور جي ڳلي تي ڇُري هلائي رهيا هجون، ان وقت به اسان جي دل ۾ رحم ئي هجي، ان وقت به اسان جي دل ۾ رِقّت ئي هجي، ايئن کڻي چئجي! ٻانهو الله پاڪ جو حڪم مڃڻ لاءِ جڏهن جانور ڳلي تي ڇُري هلائي رهيو هجي، ان وقت رحم دِلي جي ڪري ان جي جي ڌڙڪن تيز ٿي وڃي، اکين ۾ لڙڪ اچن، ايئن دِل ۾ رِقَّت ۽ رَحم جي