Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
حُجّةُ الاِسلام امام محمد بن محمد غزالي رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي انتقال کان بعد ڪنهن خواب ۾ ڏسي پڇا ڪيائين؛ الله پاڪ اوهان سان ڪهڙو معاملو فرمايو؟ جواب ڏنائون؛ هڪ ڏينهن مان ڪجھ لکي رهيو هئس ته هڪ مک منهنجي قلم تي اچي ويٺي ۽ مَس چوسڻ لڳي، مان رحم دلي جي سبب لکڻ کان رُڪجي ويس ته جيئن اها مک پنهنجي ضرورت پُوري ڪري۔ بَس انهي مک تي ڪيل رحم جي صدقي الله پاڪ منهنجي بخشش فرمائي ڇڏي۔ ([1])
گھرواريء کي هٿوهٿ شِفا ملي وئي
امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: هڪ ڀيري منهنجي گھرواري سخت بيمار هئي، ايستائين جو ان جي حالت ڏسي گھروارن سمجھيو ته بَس ان جا آخري پساھ آهن، مان به ڏاڍو پريشان هئس، ان دوران مون کي غيب مان هڪ آواز آيو: ته فُلاڻي سوراخ ۾ هڪ مک آهي، ان کي هڪ وڏي مک پڪڙي قابو ڪيو آهي، تون ان مک کي ڇڏائي اسان توهان جي گھرواري کي شِفا ڏينداسين۔ امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: مان هڪدم اٿي سوراخ جي ويجھو ويس، ڏٺو هڪ تمام سنهو سوراخ هو، مون هڪ ڪک سوراخ ۾ وڌو، واقعي اتي هڪ مک هئي جنهن کي ٻي وڏي مک وات ۾ جھليو ويٺي هئي، جيئن ئي مون مک کي ڇڏايو ته هڪدم الله پاڪ منهنجي گھرواريءَ کي شِفَا عطا فرمائي۔([2])
سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ اسان سڀني کي رحمدِلي نصيب فرمائي، ڪاش! اسان الله پاڪ جي مخلوق جو احترام ڪريون، هر هڪ سان ڀلائي ئي سان پيش اچڻ وارا بڻجي وڃون۔
اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔