Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

کان بچائيندا هئا۔

  الله پاڪ اسان کي به اهڙو رحم دِل بڻجڻ جي توفيق عطا فرمائي، ڪاش! اسان به مخلوقِ خُدا جي لاءِ رحم دِل بڻجون، انسانن تي، جانورن تي، پکين تي، ڪيولين تي مهرباني ڪريون ۽ ثواب ڪمايون۔

توهان ان وقت تائين مؤمن نٿا ٿي سگھو جيستائين...

پياري آقا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَنْ تُؤْمِنُوا حَتَّى تَرَاحَمُوا توهان ان وقت تائين (ڪامِل) مومن نٿا ٿي سگھو جيستائين هڪ ٻئي تي رحم نه ڪريو۔ صحابي سڳورن رِضْوَانُ اللهِ عَلَيۡهِم عرض ڪيو: يارسولَ الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ! اسان سڀئي هڪٻئي تي رحم ڪريون ٿا۔ فرمايائون: هي مراد نه آهي جو توهان پنهنجي صاحب (مثلاً دوست يا ڀاءُ) تي رحم ڪريو وَلٰكِنَّھَا  رَحْمَةُ الْعَامَّةِ  بلڪ هن مان عام رحمت مراد آهي۔([1])

 يعني تمام مخلوقات جي لاءِ رحم دِل ٿي وڃو! جانورن تي به رحم ڪريو! پکين تي به رحم ڪريو! ڪيولين تي به رحم ڪريو! مطلب! هر مخلوق جي لاءِ رحم دِل بڻجي وڃو!

رحم دِل ماڻهو  تي رحمٰن رحم فرمائي ٿو

 بخاري شريف جي حديث پاڪ: پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: لَا يَرْحَمُ اللَّهُ مَنْ لاَ يَرْحَمُ النَّاسَ جيڪو ماڻهن تي رحم نٿو ڪري الله پاڪ ان تي رحم نٿو فرمائي۔([2])

 هڪ حديث پاڪ ۾ فرمايو: الرَّاحِمُونَ يَرْحَمُهُمُ الرَّحْمٰن جيڪي رحم ڪرڻ وارا آهن، الله رحمٰن اُن تي رحم فرمائي ٿو۔([3])


 

 



[1]... مجمع الزوائد،کتاب البر و الصلۃ ،باب رحمۃ الناس،جلد :8،صفحہ:242،حدیث:13671۔

[2]...بخاری،کتابُ التوحید ،صفحہ:1782، حدیث:7376۔

[3]... ابو داؤد، کتاب الادب،باب الرحمۃ، صفحہ:774، حدیث:4941۔