Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

هن کان اڳتي امام شعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه وڏو خوبصورت مدني گل ڏنو آهي، فرمائن ٿا: مخلوقات مان هر هڪ خُود پنهنجي حق ۾ جيترو رَحم دِل هوندو آهي، ان جي حق ۾ اُن کان به وڌيڪ رحم دِل ٿي وڃڻ وِراثتِ مصطفيٰ آهي۔([1])

الله اَڪبَر! اي عاشقانِ رسول! اِسلام جو حُسن ڏسو! اِسلام اسان کي صِرف رحم دِلي جي تعليم نٿو ڏي بلڪ اسلام هي چئي ٿو ته الله پاڪ جي ڪا مخلوق پاڻ پنهنجي حق ۾ جيتري رحم دِل آهي، توهان ان کان وڌيڪ ان تي رحم دِل ٿي وڃو!

ڪيولين تي بي مثال رَحم

حضرت علي خَوَّاص رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه تمام وڏا الله جا ڪامل ولي ٿي گذريا آهن، سندن گھر ۾ ڪيوليون نظر نه اينديون هيون، سندن مبارڪ انداز هو ته پاڻ پنهنجي گھر ۾ ننڍن ننڍن سوراخن اڳيان کاڌو ۽ مانين جا ٽڪرا رکندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: ڪيولي جڏهن بکايل هوندي آهي ته مجبور ٿي رِزق جي ڳولها ۾ پنهنجي ٻِر کان ٻاهر نڪرندي آهي، پوءِ ڪڏهن ڪڏهن  ڪنهن جي پيرن هيٺان اچي ويندي آهي يا ڪو جانور ان کي چيڀاٽي ڇڏيندو آهي، ايئن ويچاري موت جو شڪار ٿي ويندي آهي، مان پهريان کان ڪيولين جي سوراخ تي ماني وغيره رکندو آهيان ته جيئن انهن کي ٻاهر نڪرڻ جي ضرورت ئي پيش نه اچي، انهن جي گھر ئي ۾ انهن کي خوراڪ ملي، نه اهي ٻاهر نڪرن، نه پاڻ کي خطري ۾ وجھن۔([2])

سُبْحٰنَ الله! الله پاڪ جي نيڪ ٻانهن جو ڇا شان آهي...!! انهن جي سوچ ڏسو! ڪيتري نرالي هئي؟ هڪ ڪيولي شايد پاڻ به پنهنجي لاءِ اهڙو اهتمام نه ڪندي هوندي، جهڙو اهتمام حضرت علي خَوَّاص رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه انهن جي لاءِ ڪندا هئا، اُنهن جي خوراڪ انهن جي گھر پهچائي انهن کي ممڪنه خطري


 

 



[1]...لواقح الانوار القدسیہ ،العہد السابع و السبعون بعد المائۃ ، جلد:1،صفحہ:573۔

[2]...لواقح الانوار القدسیہ ،العہد السابع و السبعون بعد المائۃ ، جلد:1،صفحہ:574۔