Janwaron Par Reham Kijiye

Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye

وئي ۽ ڀڄندي ڀڄندي رسولِ رحمت، شفيعِ اُمّت صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي پاڪ بارگاھ ۾ حاضِر ٿي، قاصائي به پٺيان اچي پهتو، ان ٻڪري کي ٽنگ مان پڪڙي گھلي وٺي وڃڻ لڳو ته ان تي رحمتِ عالم، سرورِ ڪون و مڪان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ پهرين ٻڪري کي فرمايو: اِصْبَرِي لِاَمْرِ الله يعني الله پاڪ جي حڪم تي صَبر ڪر! پوءِ شانِ رحمت ڏيکاريندي قاصائي کي فرمايائون وَاَنْتَ يَا جَزَّارُ فَسُقْهَا اِلَى الْمَوْتِ سَوْقًا رَفِيقًا اي قَاصائي! هن کي موت جي طرف نرمي سان وٺي وڃ!([1])

سُبْحٰنَ الله! هي آهي رحمتِ عالَم، نورِ مُجَسَّمصَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ڪمال رحمت...!! ٻڪري جيڪا بارگاھ رحمت ۾ آئي هئي، ان کي الله پاڪ جي حڪم تي صبر ڪرڻ جي تلقين به فرمائي ۽ گڏوگڏ شانِ رحمت به ڏيکاري جو قاصائي کي حڪم ڏنائون: توهان هن کي الله جي حڪم سان موت جي طرف وٺي وڃي رهيا آهيو! هن حالت ۾ به نرمي ۽ ڀلائي سان پيش اچو! هن سان به سٺو سلوڪ ڪريو!

هڪ وِراثت مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ

عالم سڳورا فرمائن ٿا: اسان رَحمَةُ لِّلعَالَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا اُمتي آهيون ۽ اُمتي جو حق ٿئي ٿو ته هو پنهنجي نبي پاڪ جي سيرت تي هلڻ جي ڪوشش ڪري، پنهنجي نبي جي اخلاق کي اپنائي، پنهنجي نبي جي ڪردار کي پنهنجو آئيڊيل بڻائي، پنهنجي نبي عَلَيۡهِ السَّلَام جي (محبت جي) رنگ ۾ رنڱجي وڃڻ جي ڪوشش ڪري۔ اهو ئي سبب آهي جو الله پاڪ اسان کي به هر شيء ۾ اِحسَان ۽ ڀلائي جو حڪم ڏنو آهي، ڇوته اسان رَحمَةُ لِّلْعَالَمِين صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جا امتي آهيون ۽ اسان کي زيب نٿو ڏئي ته اسان ڪنهن کي تڪليف پهچايون، ڪنهن کي ڏُک ڏيون، ڪنهن کي ناحق اذيت پهچايون۔ امام شَعراني رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رسولِ خُدا، احمدِ مجتبيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي طرفان اسان کان هي عهد ورتو ويو ته اسان الله جي سڄي مخلوق تي شريعت جي دائري ۾ رهندي شفقت ڪيون۔([2])


 

 



[1]...مصنف عبد الرزاق ،کتابُ:المناسک ،بابُ:سنۃ الذبح ، جلد:4، صفحہ:377، حدیث:7640۔

[2]...لواقح الانوار القدسیہ ،العہد السابع و السبعون بعد المائۃ ، جلد:1،صفحہ:572۔