Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
مُفَسِّر سڳورا فرمائن ٿا: دُنيا جي هر شيء ايستائين جو پٿر ۽ وڻ وغيره تمام شيون الله پاڪ جي تسبيح بيان ڪن ٿيون، ها! انهن جي تسبيح اسان ٻُڌي ۽ سمجھي نٿا سگھون، صحابي سڳورا عَلَيهمُ الرِّضْوَان فرمائن ٿا: اسان رسول الله صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ سان گڏ کاڌو کائيندا هئاسين ته کاڌو تسبيح ڪندو هو، اسان اُن تسبيح کي پنهنجي ڪنن سان ٻڌندا هئاسين۔([1])
خبر پئي؛ الله پاڪ چاهي ته بي جان شيون به ڳالهائي سگھن ٿيون، ها! اسان کي انهن جو آواز سمجھ نٿو اچي۔ حضرت علي خَوَّاص رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪامِل ولي هئا ۽ اَولياءِ ڪرام کي الله پاڪ گھڻو ڪجھ ٻُڌڻ جي طاقت عطا فرمائي ٿو، لهٰذا پاڻ پيالي جي چنگهڻ جو آواز به ٻُڌي ورتو۔ بهر حال! اسان کي حڪم ڏنو ويو آهي ته اسان هر شيء تي اِحسَان ڪريون، هر معاملي ۾ ڀلائي سان پيش اچون۔
رحمتِ عالَم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي رَحمت جو هڪ حصو!
عالم سڳورا فرمائن ٿا: الله پاڪ اسان جي آقا ۽ موليٰ، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي رَحمَةُ لِّلعَالَمِين بڻائي موڪليو آهي، هي به پاڻ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي بي پناھ رَحمت ئي جو هڪ حصو آهي جو پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر معاملي ۾ اِحسَان ۽ ڀلائي جو حڪم ڏنو، ايستائين جو شرعِي حڪم بيان ڪندي جانورن کي ذَبَح ڪرڻ جو حڪم به ڏنو، قرباني جي ترغيب به ڏياري، هن سان گڏوگڏ جانورن سان ڀلائي ڪرڻ جو حڪم پڻ ڏنائون۔
ٻڪري جڏهن بارگاه رسالت ۾ پهتي
هڪ ڀيري هڪ قاصائي پنهنجي ٻڪرين جي واڙي ۾ پهتو، دروازو کولي ذَبح ڪرڻ جي لاءِ هڪ ٻڪري کي پڪڙڻ چاهيو ته اها ٻڪري ان کان ڇڏائي ڀڄي