Book Name:Janwaron Par Reham Kijiye
جانور) کي راحت پهچائي!([1])
تمام مخلوقات جي لاءِ رحمدِل هئڻ جو بيان
پيارا اسلامي ڀائرو! هي هڪ خوبصُورت حديثِ پاڪ آهي، هن ۾ اسان جي پياري آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ شروع ۾ هڪ اُصُول بيان فرمايو ته بيشڪ الله پاڪ هر شيء تي احسان ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ چاهي ڪا به شيء هجي، انسان هجي، جانور هجي، ميوو، گل، ٻوٽو وغيره هجي، انهن سان ڀلائي سان پيش اچڻ، هر هڪ سان ان جي مناسب حالت مطابق اِحسَان وارو معاملو ڪرڻ لازِم آهي۔
حضرت علي خَوَّاص رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: رحم دِل ٿيڻ جي شرطن مان (هي به) آهي ته انسان بي جان شين سان به اهڙو ئي معاملو ڪري، جهڙو جاندار سان ڪيو ويندو آهي، مثلاً پاڻي جو پيالو کڻڻ ۽ رکڻ ۾ به احتياط ۽ ڀلائي سان ڪم وٺي۔ وڌيڪ فرمائن ٿا: هڪ ڀيري مون پيالو زَور سان هيٺ رکيو، ته پيالي مان آھ! جو آواز آيو (ڄڻ ته زور سان رکڻ سبب پيالي کي به تڪليف پهتي)، حضرت علي خَوَّاص رَحۡمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: ان ڏينهن کان مان بي جان شين کي به وڏي نرمي سان رکندو آهيان۔([2])
ٿي سگھي ٿو ڪنهن کي وسوسو اچي ته پيالو ڪيئن آواز ڪڍي سگھي ٿو؟ هن حوالي سان عرض آهي، الله پاڪ فرمائي ٿو:
وَ اِنۡ مِّنۡ شَیۡءٍ اِلَّا یُسَبِّحُ بِحَمۡدِہٖ وَ لٰکِنۡ لَّا تَفۡقَہُوۡنَ تَسۡبِیۡحَہُمۡ (پاره:15،سورۂ بني اسرائيل:44)
ترجَموڪنزُالعرفان: ۽ ڪابه شيءِ اهڙي نه آهي جيڪا ان جي حمد بيان ڪرڻ سان گڏ پاڪائي بيان نه ڪندي هجي. پر توھان ان جي تسبيح ناھيو سمجھندا