Share this link via
Personality Websites!
اي عاشقانِ رسول! غور طلب ڳالھ آهي! گناھ ڪير ڪري ٿو؟ يقيناً انسان ڪري ٿو، جانور ته مُڪلَّف ئي نه آهن، هي ته گُنَاھ نٿا ڪن پر ڏسو! انسان جي گُنَاهن جو ڪفّارو ڪير بڻجي رهيو آهي؟ بي گُنَاھ جانور...!! هن لحاظ سان جيڪڏهن ڏٺو وڃي ته ان جانور جو اسان تي ڪيترو وڏو اِحسَان آهي جو گُنَاھ اسان ڪيا آهن ۽ هي بي گُنَاھ جانور پنهنجي جان جي بازي لڳائي اسان جي گُنَاهن جو ڪفّارو بڻجي رهيو آهي۔
هن ۾ اُنهن ماڻهن جي لاءِ عِبرت آهي جيڪي قرباني جي وقت تماشو ڪن ٿا، جانور جو ساھ نڪرندي ڏسي، جانورن جون رڙيون ٻڌي خوش ٿين ٿا ۽ مَعَاذَ الله! بعض نادان ته تاڙيون وڄائن ٿا۔ افسوس! هي تماشو ڏسڻ جو نه بلڪه پنهنجي گُنَاهن تي شرمسار ٿيڻ ۽ ان جانور جو اِحسَان مڃڻ جو وقت آهي۔
اهڙي طرح اهي ماڻهو به عبرت حاصل ڪن جيڪي جانور کي ناحق تڪليف پهچائن ٿا، انهن کي گاھ وغيره پورو نٿا ڏين، ڪنهن پري علائقي مان جانور آڻڻو هجي ته رستي ۾ پُوري خوراڪ مهيا ناهن ڪندا، ننڍي گاڏي ۾ وڏو جانور چاڙهين ٿا، جانور کي گاڏي ۾ چاڙھيندي ۽ لاهيندي وقت احتياط نٿا ڪن، ڪڏهن جلد بازي ۾ جانورن کي گاڏي مان ٽپو ڏياريندا آهن، جنهن سان جانور جي ٽنگ ٽٽڻ يا سخت ڌڪ لڳڻ جو خدشو هوندو آهي۔
اي عاشقانِ رسول! اسان کي ڊڄڻ گھرجي، عبرت حاصل ڪرڻ گھرجي، هي جانور ته اهو آهي جيڪو پنهنجي رَبِّ ڪريم جي نالي تي پنهنجي جان قربان ڪري رهيو آهي، پنهنجي جان جي بازي لڳائي اسان جي گُنَاهن جو ڪفّارو ادا ڪري رهيو آهي، اسان کي ته گھرجي ته ان جو اِحسَان مڃون ۽ ان جي خوب عزّت ڪريون۔
الله پاڪ اسان کي هدايت نصيب فرمائي ۽ مخلوقِ خُدا سان ڀلائي سان پيش اچڻ جي توفيق عطا فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami