Share this link via
Personality Websites!
مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ذو الحج جي عشري ۾ پابندي سان نفلي روزا رکندا هئا۔([1])
خيال رهي! ذي الحج جي عشري جي روزن جو مطلب آهي: ذوالحج جي ابتدائي 9 ڏينهن جا روزا رکڻ ڇوته 10 ذوالحج (يعني عيد الاضحيٰ) جو روزو رکڻ جائِز نه آهي۔
اي عاشقانِ رسول! ڪاش! اسان به نيڪين جا حريص بڻجي وڃون، اسان جا پيارا آقا، رسولِ خُدا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ذو الحج جي عشري جا روزا رکندا هئا، ڪاش! اسان به هن مصطفيٰ ڪريم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي ادا کي ادا ڪرڻ جي لاءِ نفلي روزا رکون، نمازون پڙھون، عبادت ڪريون ته هي ڪمائي قبر ۽ حشر ۾ ڪم ايندي، باقي سڀ ته هتي ئي ڇڏي وڃڻو آهي، ان ڪري نيڪين جو حِرص وڌائڻ گھرجي، ذو الحج جي عشري جي هڪ نيڪي 700 ڀيرا وڌائي ويندي آهي، لهٰذا هن موقعي جو فائدو کڻو ۽ خوب نيڪيون ڪريون۔ الله پاڪ اسان سڀني کي پنهنجي رضا وارن ڪمن ۾ مَصرُوف رهڻ جي توفيق نصيب فرمائي۔ اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖنَ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ
کچھ نیکیاں کما لے، جلد آخرت بنا لے کوئی نہیں بھروسا اے بھائی! زندگی کا
پيارا اسلامي ڀائرو! ذوالحج ۾ ٿيندڙ هڪ اَهم ترين عبادت قرباني آهي۔ هر مسلمان بالغ مرد ۽ عورت، جيڪو مُقيم هجي (يعني مسافِر نه هجن) ۽ هن سان گڏوگڏ مالِڪ نصاب به هجي (يعني ان وٽ ساڍا 52 تولا چاندي يا ان جي قيمت برابر رقم هجي) ته ان تي قرباني واجِب آهي۔([2])
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami