Share this link via
Personality Websites!
* ذوس الحج جي عشري ۾ ماءُ پيء جي زيارت ڪرڻ عام ڏينهن ۾ ماءُ پيءُ جي زيارت ڪرڻ کان افضل * ذو الحج جي عشري ۾ تلاوت ڪرڻ عام ڏينهن ۾ تلاوت ڪرڻ کان افضل، مطلب ڪا به نيڪي هجي اها ذو الحج جي عشري ۾ ڪئي وڃي ته عام ڏينهن جي نسبت ان ۾ گھڻي فضيلت به آهي، الله پاڪ وٽ وڌيڪ محبوب به آهي ۽ ان جو ثواب 700 ڀيرا وڌايو ويندو آهي۔
سُبْحٰنَ اللہ! اي عاشقانِ رسول! هي 10 ڏينهن ڄڻ نيڪين جي موسمِ بهار آهن، اسان کي گھرجي ته اسان انهن ڏينهن کي غنيمت سمجھون، خوب نيڪيون ڪريون، نمازون پڙھون، نفل عبادت ڪريون، تلاوت ڪريون، ذِڪرُالله ڪريون، بلڪه حق ته هي آهي ته راتين جو جاڳي عبادت ڪئي وڃي ته رات جي عبادت محبوب آهي۔ حضرت سعيد بن جُبَير رَضِىَ اللهُ عَنۡه جو معمول مبارڪ هو ته جڏهن ذو الحج جو عشرو ايندو هو ته پاڻ عبادت ۾ تمام گهڻي ڪوشش ڪندا هئا ۽ فرمائيندا هئا: لَا تُطْفِئُوا سُرُجَكُمْ لَيَالِي الْعَشْرِ يعني ذو الحج جي عشري جي راتين ۾ پنهنجا ڏيئا نه وسايو۔([1])
عام طور رات جو سمهڻ مهل لائٽ بند ڪئي ويندي آهي، ان ڪري حضرت سعيد بن جبير رَضِىَ اللهُ عَنۡه فرمايو ته ذو الحج جي عشري ۾ لائٽون بند نه ڪريو يعني انهن راتين ۾ آرام نه ڪيو بلڪه راتين جو جاڳي خوب عبادت ڪريو!
پيارا آقا صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ نفلي روزا رکندا هئا
اُمُّ المُؤمِنِين حضرت حفصه رَضِىَ اللهُ عَنۡها فرمائن ٿيون: رسولِ اڪرم، نورِ
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami