Share this link via
Personality Websites!
جو ثواب 700 ڀيرا وڌايو ويندو آهي۔([1])
ترمذي شريف جي روايت ۾ آهي: نبي اڪرم، نورِ مُجَسَّم صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَا مِنْ أَيَّامٍ أَحَبُّ إِلَى اللَّهِ أَنْ يُتَعَبَّدَ لَهُ فِيهَا مِنْ عَشْرِ ذِي الحِجَّةِ عبادت جي ڏينهن ۾ الله پاڪ وٽ سڀ کان محبوب ڏينهن ذي الحج جا ڏھ ڏينهن آهن يَعْدِلُ صِيَامُ كُلِّ يَوْمٍ مِّنْهَا بِصِيَامِ سَنَةٍ انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن جو روزو هڪ سال جي روزن جي برابر آهيوَقِيَامُ كُلِّ لَيْلَةٍ مِّنْهَا بِقِيَامِ لَيْلَةِ القَدْرِ ۽ انهن ڏينهن جي هر رات جو قيام (يعني جاڳي عبادت ڪرڻ) شبِ قدر جي قيام جي برابر آهي۔ ([2])
ہر ہر گھڑی ہے اس کی عِزّ و فَضَل میں یکتا بادَل کرم کا چھایا، ماہِ حرام آیا
بڑھتی ہیں اس میں قدریں، اعمال کی ہمارے کرنا نہ وقت ضائع، ماہِ حرام آیا
اي عاشقانِ رسول! غور فرمايو! ڪيترا پيارا ۽ فضيلت وارا ڏينهن آهن، هنن ڏينهن ۾ هڪ نيڪي جو ثواب 700 ڀيرا وڌايو ويندو آهي، انهن ڏينهن ۾ نيڪي ڪرڻ افضل نيڪي آهي، انهن ڏينهن ۾ هڪ ڏينهن جو روزو رکڻ 1 سال جي روزن جي برابر آهي، انهن ڏينهن جي راتين ۾ قيام ڪرڻ (يعني رات کي جاڳي عبادت ڪرڻ) شبِ قدر ۾ عبادت ڪرڻ جي برابر آهي۔
هتي هي به ياد رهي ته هن هنڌ نيڪي جي ڪا تخصيص نه آهي * يعني انهن مبارڪ ڏينهن ۾ هر نيڪي جو ثواب وڌي ويندو آهي * انهن ڏينهن ۾ فرض نماز ادا ڪرڻ عام ڏينهن جي فرض نمازن کان وڌيڪ افضل * انهن ڏينهن جي نفل عبادت عام ڏينهن جي نفل عبادت کان افضل * انهن ڏينهن جا نفلي روزا، عام ڏينهن جي نفلي روزن کان افضل * ذو الحج جي عشري ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ عام ڏينهن ۾ نيڪي جي دعوت ڏيڻ کان افضل * ذو الحج جي عشري ۾ صدقو ڪرڻ عام ڏينهن ۾ صدقو ڪرڻ کان افضل * ذو الحج جي عشري ۾ ذڪرُ الله ڪرڻ عام ڏينهن ۾ ذڪر الله ڪرڻ کان افضل
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami