Share this link via
Personality Websites!
جي عاشقانِ رسول کي پنهنجي اِصلاح جو بهترين نسخو ڏنو آهي ۽ اهو آهي: رسالو نيڪ اَعْمَال۔ هي ننڍڙو رِسالو مڪتبة المدينه تان طلب ڪريو ۽ چاهيو ته دعوتِ اسلامي جي ويب سائٽ تان به ڊاؤنلوڊ ڪري سگهو ٿا، بلڪ وڌيڪ آساني چاهيو ٿا ته پنهنجي موبائل ۾ Naik Amaal ايپلي ڪيشن ڊاؤنلوڊ ڪريو، هن کي پڙهو، ان جي مُطَابق زِندگي گذاريو ۽ روزانو پنهنجي عملن جو جائزو وٺو۔ اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! گُنَاهن کان بچڻ ۽ نيڪيون ڪرڻ جو ذهن ٿيندو، دِل جي پاڪيزگي ملندي ۽ ڪردار صاف سٿرو ٿئي نکرجي خوب صُورت ٿي ويندو۔
ضلعي اَٽڪ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ اسلامي ڀاءُ جو بيان آهي، مان گُنَاهن واري زندگي گذاري رهيو هئس، فلمون ڏسڻ، غنڊه گردي ڪرڻ، نمازون قضا ڪرڻ وغيره منهنجي معمول ۾ شامِل هو، هڪ ڀيري اسان جي علائقي ۾ عاشقانِ رسول جو مدني قافلو آيو، انهن مان هڪ اسلامي ڀاءُ مون کي مغرب جي نماز پڙھڻ ۽ بيان ۾ شرڪت ڪرڻ جي دعوت ڏني، منهنجي خوش نصيبي جو مان انهن سان گڏ مسجد ۾ هليو ويس، مغرب کان بعد بيان ٻُڌي ڏاڍو لطف آيو، بيان جي آخر ۾ مبلغ نيڪ اعمال نالي رسالي جو تعارُف ڪرايو، رسالي نيڪ اَعْمَال ۾ لکيل نيڪين ڀري زِندگي گذارڻ جا مدني گل ڏسي مون کي گھڻي خوشي ٿي، ان رسالي جي صُورت ۾ شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنتدَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه جي اِصلاحِ اُمَّت جي لاءِ تڙپ ڏسي مان هٿو هٿ بيعت جي لاءِ نالو ڏنو ۽ عطّاري بڻجي ويس، وقت جي ڪامِل ولي سان نسبت ڇا ٿي، دِل گُنَاهن کان بيزار ۽ نيڪين ڏانهن مائل ٿي وئي، مون گُنَاهن کان توبه ڪئي ۽ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول کي دِل ۽ جان سان اپنائي ورتو، ان جي برڪت سان منهنجا اَخلاق سَنوَرڻ لڳا، منهنجي هن تبديلي جو منهنجي گھر وارن تي به سٺو اَثر ٿيو، الحمد لله! آهسته آهسته سڄو گھر ئي قادري، رضوي، عطّاري ٿي ويو، گھر ۾ نمازن جي پابندي شروع ٿي، فلمون ڊراما، ڳائڻ وڄائڻ بند ٿي ويو
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami