Share this link via
Personality Websites!
اَللّٰه اکبر اَللّٰه اکبر چيو ۽ سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه ڪلمو شريف پڙھيو ۽ سندن روح پرواز ڪري ويو۔ اِنَّا لِلّٰهِ وَ اِنَّاۤ اِلَيهِ رٰجِعُوْنَ غسل کان بعد ڪفن وڇائي مٿي مبارڪ هيٺان پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حُجرهء مبارڪه شريف جي خاڪ شريف رکي وئي، پاڻ سڳورن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي قبرِ انور جو غُسالو شريف ۽ مختلف تبرڪات رکيا ويا۔ پوءِ ڪفن شريف ٻڌو ويو۔ نمازِ عَصر کان بعد دُرُود و سلام ۽ قصيدهء بُرده شريف جي گونجھ ۾ جنازو مبارڪ کنيو ويو۔
سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي آرزو جي مطابِق جنَّتُ البقيع جي ان حصّي ۾ جتي اهلبيتِ اطهار عَلَيهمُ الرِّضوان آرام فرما آهن، اتي حضرت فاطمة الزَّهرا رَضِىَ اللهُ عَنۡها جي مزار پُرانوار کان صرف 2 گز جي فاصلي تي دفن ڪيو ويو۔([1])
الله پاڪ سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي صدقي اسان جي بي حساب بخشش فرمائي.
اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبيب! صَلَّي اللّٰهُ عَلٰي مُحَمَّد
12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: نيڪ اعمال
پيارا اسلامي ڀائرو! گُنَاھ ڇڏڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ قبر و آخرت جي تياري ڪرڻ جو ذِهن بنائڻ جي لاءِ دعوتِ اسلامي جي دِيني ماحول سان وابسته ٿي وڃو ۽ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن ۾ خوب وڌ کان وڌ حصو وٺو! اِنْ شَآءَ الله الْڪرِيم! هن جي برڪت سان گُنَاھ ڇڏڻ، نيڪيون ڪرڻ ۽ قبر ۽ آخرت جي تياري ڪرڻ جو ذِهن بڻبو۔ ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم نيڪ اَعْمَال به آهي۔
الحمد لله! شيخِ طريقت، امير اهلسنت حضرت علّامه مولانا ابوبلال محمد الياس عطار قادري رضوي دَامَتْ بَرَڪاتُهمُ الْعَالِيه پنهنجي مُريدن، طالِبن ۽ مُحِبّن بلڪ سڄي دُنيا
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami