Share this link via
Personality Websites!
فرمايائون: فقير اکين جي لاءِ مديني پاڪ کي ڇڏي نٿو سگھي۔([1])
سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه فرمائن ٿا: جڏهن مان مديني پاڪ حاضِر ٿيس ته شُروع جي ڏينهن ۾ اهڙو وقت به آيو جو مون تي ست 7 ڏينهن جو فاقو هو۔ ستين ڏينهن جڏهن مان بُک جي ڪري ڪمزور ٿي ويس ته مون وٽ هڪ رعبدار بُزُرگ آيو ۽ انهن مون کي 3 مشڪيزا ڏنا۔ هڪ ۾ ماکي، ٻئي ۾ اٽو ۽ ٽئين ۾ گيھ هو۔ مشڪيزا ڏيندي ايئن چوندي موٽي ويو ته مان بازار مان وڌيڪ شيون وٺي اچان ٿو۔
ڪجھ دير بعد چانھ جو ڌٻو ۽ کنڊ وغيره مون کي آڻي ڏنائين ۽ يڪدم واپس هليو ويو۔ مان پويان ويس ته کائن تفصيل معلوم ڪيان پر هو غائب ٿي چڪو هو۔ قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ عَرض ڪيو ويو: اوهان جي خيال ۾ هو ڪير هو؟ کين فرمايو: منهنجي گمان ۾ هو مديني جي سلطان، رحمتِ عالميان صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو چاچو سائين سيدُا لشُّهداء حضرت حمزه رَضِىَ اللهُ عَنۡه هو، ڇوته مديني پاڪ جي وِلايت سندن سِپرد آهي۔([2])
اي عاشقانِ رسول! حضرتِ سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه حضرت حمزه رَضِىَ اللهُ عَنۡه سان گھڻي عقيدت رکندا هئا ۽ هر سال17 رَمَضانُ المبارَڪ تي حضرت حمزهرَضِىَ اللهُ عَنۡه جو عُرس شريف ملهائيندا هئا ۽ هڪ روزو حضرت حمزه رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي مزارِ پُرانوار تي افطار ڪندا هئا۔([3])
4 ذُوالحجِ 1401ھ (81-10-2) جُمُعي جي ڏينهن مسجد نَّبَوِي شريف جي مُؤَذِّن
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami