Share this link via
Personality Websites!
سيدي قطب مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو عرسِ پاڪ آهي۔ اچو! برڪتون ماڻڻ جي لاءِ سندن مبارڪ ذڪر ٻڌون ٿا:
سيدي قُطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جو ذِڪرِ خير
اعليٰ حضرت جا خليفه مولانا ضياءُ الدِّين احمد صديقي قادري مدنيرَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي ولادتِ باسعادت 1294ھ، 1877ء ۾ ضِلعي سيالڪوٽ (پنجاب، پاڪستان) جي هڪ غير معروف ڳوٺ ڪلاس والا ۾ ٿي، پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه مسلمانن جي پهرين خليفه حضرت ِصدِّيق اڪبر رَضِىَ اللهُ عَنۡه جي اولاد مان آهن۔ ابتِدائي تعليم سيالڪوٽ ۾ حاصِل ڪئي۔ پوءِ مرڪز الاولياءِ لاهور ۽ 22 خواجه جي چائنٺ دِهلي ۾ ڪجھ عرصو علم حاصل ڪيائون، نيٺ پيلي ڀيت (يوپي، هند) ۾ حضرت ِعلامه مولانا وصي احمد محدِّثِ سُورتي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي خدمت ۾ تقريباً چار 4 سال رهي ڪري ديني عُلومِ حاصِل ڪيائون ۽ دوره حديث کان بعد سندِ فراغت حاصِل ڪئي۔ الحمد لِلّٰه! اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت، رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي مبارڪ هٿن سان سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه جي دستار بندي ٿي۔ پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه اعليٰ حضرت، امامِ اهلسنّت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه سان بَيعَت به ڪئي ۽ صرف 18 سالن جي عمر ۾ اعليٰ حضرت رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه وٽان خِلافت جي سند به ماڻي۔([1])
کلی ہیں گلستانِ غوثُ الْوَریٰ کی یہ باغِ رضا کے گُل خوشنما ہیں
سيدي قطبِ مدينه رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه 1327ھ کي بغدادِ مُعَلّيٰ کان مديني پاڪ حاضر ٿيا ۽ تقريباً 75 سال پاڻ رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه کي مديني پاڪ ۾ رهڻ جو شرف مليو۔([2]) آخري عمر ۾ نظر ڪمزور ٿي وئي، ڊاڪٽرن علاج جي لاءِ جده وڃڻ تي زور ڀريو ته
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami