Share this link via
Personality Websites!
ان تي عَمَل ڪريون، نفساني خواهشن کان بچون، نفسِ اَمَّاره جي خباثتن کان بچون، پنهنجي اِصْلاح ڪريون، ايستائين جو نفس کي نفسِ مُطۡمَئِنَّه بڻائڻ ۾ ڪامياب ٿي وڃون۔
محیط دِل پہ ہوا ہائے نفسِ اَمَّارہ دِماغ پر مرے ابلیس چھا گیا یارَبّ!
رہائی مجھ کو ملے کاش! نفس و شیطاں سے ترے حبیب کا دیتا ہوں واسطہ یارَبّ!
حديثِ پاڪ ۾ آهي: لَا یُؤْمِنُ اَحَدُکُمْ حَتّیٰ یَکُونَ ہَوَاہُ تَبِعًا لِمَا جِئْتُ بِہٖ توهان ۾ ڪو شخص ان وقت تائين (ڪامِل) مؤمن نٿو ٿي سگھي، جيستائين ان جون خواهشون منهنجي (دِين) جي تابِع نه ٿي وڃن۔([1])
عالم سڳورا هن حديثِ پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: ٻانهي تي لازِم آهي ته الله ۽ رسول سان اهڙي محبّت ڪري جو اها محبّت ان کي الله پاڪ ۽ ان جي پياري محبوب صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمانبرداري تي اُڀاري ۽ گُنَاهن جي رستن ۾ رُڪاوٽ بڻجي۔([2])
الله پاڪ اسان کي اهڙي توفيق عطا فرمائي، اسان جانورن جون قرباني ڪريون، ضرور ڪريون، گڏوگڏ نفسِ اَمّاره جي به قرباني ڏيون، نفساني خواهشن جون به قرباني ڏيون، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي صدقي، حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي صدقي ڪاش! اسان الله پاڪ جا حقيقي فرمانبردار ٻانها بڻجي وڃون۔ اٰمِين بِجَاه خَاتَمِ النَّبِيٖن صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ ۔
صَلُّوْا عَلَي الْحَبِيبِ! صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد
اي عاشقانِ رسول! 4 ذوالحج تي شيخِ طريقت، اميرِ اهلسنت جي پير صاحب
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami