Share this link via
Personality Websites!
الله پاڪ جو حڪم پُورو ڪرڻ ۾ غير اختياري طَور تي دير ٿي رهي هئي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي فرمانبردار دِل هن دير کي قبول نه پئي ڪري سگھي، پاڻ ڇُري کي تيز ڪري وري هلايائون، اها نه هلي، وري تيز ڪري هلايائون وري به نه هلي، ٽي ڀيرا ايئن ئي ٿيو۔ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جوشِ فرمانبرداري ۾ هر هر ڇُري هلائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا هئا، انهيء وقت حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام جنّتي گهيٽو کڻي حاضِر ٿيو ۽ حضرت ابراهيم ۽ سندس پٽ اسماعيل عَلَيهما السَّلَام کي قرباني قبول ٿيڻ جي خوشخبري ٻُڌائي وئي۔
یہ آساں ہے کہ انساں چھوڑ دے سب مال و زَرْ اپنا
یہ آساں ہے کہ انساں چھوڑ دے تختِ سلیمانی
یہ آساں ہے کہ انساں رنج اُٹھائے، سختیاں جھیلے
یہ آساں ہے کہ اپنی جان بھی دے دے بہ آسانی
یہ سب آسان سے بھی آسان تَر ہے، جانِ من لیکن
بہت مشکل ہے اپنے ہاتھ سے بیٹے کی قربانی
کیا بیٹے کو قرباں راہِ حق میں اپنے ہاتھوں سے
نہیں دُنیا میں کوئی بھی خلیل اللہ کا ثانی
اي عاشقانِ رسول! هي آهي اطاعت جو جذبو، جانثاري جو جذبو، وفاداري جو جذبو، جهڙي طرح جانور ذَبَح ڪرڻ سُنّتِ ابراهيمي آهي، اهڙي طرح هي اطاعت ۽ فرمانبرداري جو جذبو، پاڻ کي مڪمل طور الله پاڪ جي حوالي ڪرڻ، هي به حضرت ابرهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جو ئي مبارڪ طريقو آهي۔ يقيناً حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام الله پاڪ جا نبي آهن، اسان سندن برابر نٿا ٿي سگھون پر جهڙي طرح اسان جانور قربان ڪري حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي سُنّت ادا ڪريون ٿا، ايئن ئي پاڻ کي الله پاڪ جي حوالي ڪري پاڻ کي مڪمل طور تي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami