Share this link via
Personality Websites!
حڪم ٻُڌي سندن نرڙ تي گھنج نه آيو، زبان سان ڪا شڪوه شڪايت ته رهي پري پر دِل ۾ به ڪو خيال نه آيو، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي رَبِّ ڪريم جي حڪم تي مٿو جهڪائي ڪري پنهنجي کير پياڪ ننڍڙي شهزادي کي ۽ ان جي امڙ کي اڪيلو مڪه مڪرمه جي غير آباد رڻ پٽ وادي ۾ ڇڏي واپس موٽي آيا۔
الله! الله! ...
ابھی عشق کے امتحاں اور بھی ہیں
جڏهن حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي عمر مبارڪ اٽڪل 13 سالن جي ٿي، حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام خواب ڏٺو ته پنهنجي پٽ کي ذَبَح ڪري رهيا آهن، نبي سڳورن عَلَيهم السَّلَام جا خواب وَحي هوندا آهن، لهٰذا حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام خواب جي ذريعي ڏنل هن حڪمِ خُداوندي تي عَمَل ڪرڻ جي لاءِ مڪي پاڪ پهتا، حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام کي خواب ٻُڌايو، فرمانبردار پُٽ عَرْض ڪيو:
قَالَ یٰۤاَبَتِ افْعَلْ مَا تُؤْمَرُ٘-سَتَجِدُنِیْۤ اِنْ شَآءَ اللّٰهُ مِنَ الصّٰبِرِیْنَ(۱۰۲)
ترجَموڪنزُالعرفان: پٽ چيو: اي منهنجا پيءُ! تون اهو ئي ڪر جنهن جو توکي حڪم ڏنو پيو وڃي ان شاءالله عنقريب تون مون کي صبر ڪرڻ وارن مان لهندي
سُبْحٰنَ الله! پٽ هجي ته اهڙو هجي...! فرمانبرداري هجي ته اهڙي هجي...!!
یہ فیضانِ نظر تھا یا مکتب کی کرامت تھی سکھائے کس نے اسماعیل کو آدابِ فرزندی؟
الله اڪبر! اب حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام پنهنجي پٽ کي گڏ وٺي منيٰ پهتا، پُٽ کي لٽائي، ڳلي تي ڇُري رکيائون، روايتن ۾ اچي ٿو: ڇُري توڙي جو گھڻي تيز هئي پر حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي ڳلي تي هلائي ويندي هئي ته اها نه هلندي هئي۔
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami