Share this link via
Personality Websites!
ئي دِين جو پيغام عام ڪرڻ ۾ مَصرُوف ٿي ويا، نمرود وقت جو ظالِم ترين بادشاھ هو، ان جي مرڪز ۾ رهي، بنا ڊپ جي، فقط الله پاڪ جي ڀروسي تي پاڻ حق جي ڳالھ ڪندا رهيا۔
نمرود حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي معاذَ الله! باھ ۾ وجھڻ جي جسارت ڪئي، ان تي به حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام مطمئن رهيا، الله پاڪ جا فرمانبردار رهيا، جڏهن کين باھ ۾ وڌو پئي ويو، حضرت جبريلِ امين عَلَيۡهِ السَّلَام حاضِر ٿي عَرض ڪيو: اي ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام! ڪا حاجت هجي ته ٻڌايو! فرمايائون: حاجت ته آهي پر توهان سان نه آهي، عَرض ڪيائين: پوءِ جنهن سان حاجت آهي، ان کي چئو! فرمايائون: هو ڏسي رهيو آهي، چوڻ جي ضرورت نه آهي۔
سُبْحٰنَ الله! هي يقين هو، توڪل هو، پوءِ الله پاڪ کين هن يقين ۽ فرمانبرداري جو صِلو به عطا فرمايو، ميلن تائين پکڙيل ان هولناڪ باھ کي الله پاڪ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي لاءِ گلن جي باغ ۾ تبديل فرمائي ڇڏيو.
پوءِ حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام کي هجرت جو حڪم ٿيو، پاڻ پنهنجو گھر، پنهنجا رشتيدار، سڀني کي ڇڏي هجرت ڪري ملڪ شام تشريف وٺي ويا۔
حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جڏهن پوڙهائپ تي پهتا ته پاڻ هي دُعا گُھريائون:
رَبِّ هَبْ لِیْ مِنَ الصّٰلِحِیْنَ(۱۰۰) (پاره:23،سورۂ صٰفّٰت:100)
ترجَموڪنزُ العرفان: اي منهنجا رب! مون کي نيڪ اولاد عطا فرماءِ.
هن عمر ۾ الله پاڪ کين حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي صُورت ۾ نيڪ پُٽ عطا فرمايو، اڃا حضرت اسماعيل عَلَيۡهِ السَّلَام جي کير پيئڻ جي عمر هئي، حڪم ٿيو: اي ابراهيم! پنهنجي پُٽ ۽ ان جي اَمڙ کي مڪه مڪرمه ڇڏي اچو!
الله اڪبر! پوڙهائپ ۾ پٽ عطا ٿيو، اڃا کير پيئڻ جي عمر ۾ آهي ۽ پٽ کي پاڻ کان جُدا ڪرڻ جو حڪم آيو، قربان وڃجي! هي اطاعت جو جذبو هو، هي حضرت ابراهيم عَلَيۡهِ السَّلَام جي پنهنجي رَبّ سان ڪمال محبت آهي جو هي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami