Share this link via
Personality Websites!
الَّذِیْنَ اِذَا ذُكِرَ اللّٰهُ وَ جِلَتْ قُلُوْبُهُمْ وَ الصّٰبِرِیْنَ عَلٰى مَاۤ اَصَابَهُمْ وَ الْمُقِیْمِی الصَّلٰوةِۙ-وَ مِمَّا رَزَقْنٰهُمْ یُنْفِقُوْنَ(۳۵)
(پاره:17،سورۂ حج:35)
ترجَمو ڪنزُالعرفان: اهي ماڻهو آهن جو جڏهن الله جو ذڪر ٿيندو آهي ته انهن جو دليون ٿڙڪڻ لڳنديون آهن ۽ انهن کي جيڪا مصيبت پهچي ان تي صبر ڪرڻ وارا آهن ۽ نماز قائم رکڻ وارا آهن ۽ اسان جي ڏنل رزق مان خرچ ڪندا آهن.
يعني مُخۡبِت (الله پاڪ جي لاءِ عاجزي ڪرڻ وارا) اهي آهن جڏهن انهن جي سامهون الله پاڪ جو ذِڪر ٿئي ٿو ته خوف ۽ جلال سبب انهن جون دليون ڏڪڻ لڳن ٿيون، الله پاڪ جي عذاب جو خوف انهن جي عضوئن مان ظاهر ٿيڻ لڳي ٿو، انهن کي دُنيا ۾ جيڪا مصيبت پهچي، ان تي صبر ڪن ٿا، نماز قائِم ڪن ٿا ۽ الله پاڪ جي ڏنل رِزق مان صدقو ۽ خيرات ڪن ٿا۔ ([1])
اي عاشقانِ رسول! غور جو مقام آهي! اسان قرباني ته ڪريون ٿا، مهانگي کان مهانگو جانور خريد ڪري وڏي شوق ۽ ذوق سان قرباني ڪريون ٿا، جڏهن جانور آڻيون ٿا ته پاڙي ۾ چرچو ٿئي ٿو ته فلاڻي ايترو مهانگو جانور آندو آهي، رشتيدارن کي، پاڙيسرين کي، دوستن کي ٻڌايو ويندو آهي پر غور ڪريو! اسان مان جنّت جي خوشخبري جا حق دار بڻجڻ وارا يعني عاجزي ڪندڙ ڪيترا آهن؟ الله پاڪ جو ذِڪر ڪرڻ وارا، ذِڪرُ الله ٻُڌي خوش ٿيڻ وارا، خوفِ خُدا سبب ڏڪڻ وارا، نمازون پڙھڻ وارا، راھ خُدا ۾ دِل کولي صدقو خيرات ڪرڻ وارا ڪيترا آهن؟
افسوس! افسوس! اسان قرباني ته ڪيون ٿا، هي به تمام ڀلو ڪم آهي، نيڪ ڪم آهي، جن تي قرباني واجِب آهي، انهن کي ته ڪرڻي ئي پوندي، ان جي بغير ڇوٽڪارو ناهي، پر قرباني جو اَصل مقصد ڇا آهي؟ قرباني اسان کي
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami