Share this link via
Personality Websites!
قرباني: نيڪ توانائي جو ذريعو
پيارا اسلامي ڀائرو! هڪ سوال ذهن ۾ اچي ٿو، اهو هي ته قرباني جيڪڏهن نعمت جو شڪر آهي ته اهو شڪر ڪنهن ٻئي انداز ۾ مثال طور، نمازون پڙھي، روزا رکي، صدقو ۽ خيرات ڪري به ته شڪر ادا ٿي سگھي ٿو، آخر هن جي لاءِ جانور قربان ڪرڻ ئي ڇو ضروري آهي؟ عالم سڳورن هن سوال جا کوڙ جواب ڏنا آهن۔
علامه ابن رجب حنبلي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيۡه هن سلسلي ۾ بهترين ايمان افروز مدني گل بيان ڪيا آهن، پاڻ فرمائن ٿا: جانور الله پاڪ جو ذڪر ڪثرت سان ڪن ٿا، الله پاڪ قرآن شريف ۾ فرمائي ٿو:
وَ اِنْ مِّنْ شَیْءٍ اِلَّا یُسَبِّحُ بِحَمْدِهٖ (پاره:15،سورۂ بني اسرائيل:44)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ ڪابه شيءِ اهڙي نه آهي جيڪا ان جي حمد بيان ڪرڻ سان گڏ ان جي پاڪائي بيان نه ڪندي هجي.
پياري آقا، مديني واري مصطفيٰ صَلَّى اللّٰهُ عَلَيۡهِ واٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي فرمان جو خُلاصو آهي: ڪيئي جانور اهڙا آهن جيڪي انسانن کان بهتر ۽ انهن کان وڌيڪ ذِڪرُ الله ڪرڻ وارا آهن۔ ([1])
هن مان معلوم ٿيو: مجموعي طَور تي جانور انسانن جي نسبت وڌيڪ ذِڪرُ الله ڪن ٿا، هائو! انسانن ۾ به ڪيئي اهڙا آهن جيڪي تمام گھڻو الله پاڪ جو ذِڪر ڪن ٿا پر انسانن جو هڪ تعداد آهي جيڪو غافل رهي ٿو، جڏهن ته جانور عام طور الله پاڪ جو ذِڪر ڪرڻ وارا ئي هوندا آهن۔ جيئن الله پاڪ اسان کي جانورن جي قرباني ڪرڻ جو حڪم ڏنو، هن ۾ حڪمت هي آهي ته گوشت کائڻ سان عقل وڌي ٿو، جسم جي قُوّت ۽ طاقت ۾ اِضَافو ٿئي ٿو ۽ گوشت جي اها خاصِيت آهي ته هي انسان جي طبيعت تي اَثَر انداز ٿئي ٿو.
BOOK TOPIC
©Copyright 2026 by I.T. Department of Dawat-e-Islami