Book Name:Shoq e Madina
هيءَ وڏي ايمان افروز حديث پاڪ آهي، عالم سڳورن هن حديث جون مختلف معنائون بيان ڪيون آهن، هڪ معنٰي ته هيءَ آهي ته قيامت جي ويجهو دجال نڪرندو ته سڄي دنيا ۾ ايمان بچائڻ جي لاءِ ڪا پناھ واري جڳھ نه هوندي، ان وقت ايمان مديني پاڪ ۾ سڪڙجي ويندو، مديني کان علاوه ايمان وارا ڪٿي به نه هوندا.
محدثين ڪرام ان جي هڪ ٻئي معنٰي بيان ڪئي آهي: فرمائن ٿا: ٿورو ڏسو! مڪي مدني، محمدِ عربيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن مديني ۾ ايمان سمٽجڻ کي نانگ سان تشبيه ڏني آهي، يعني فرمايائون ته جيئن نانگ پنهنجي ٻرڙ (يعني سوراخ) ۾ هليو ويندو آهي، ايئن ئي ايمان مديني ۾ هليو ويندو، ٿورو غور ڪريو! نانگ پنهنجي ٻرڙَ مان ٻاهر نڪرندو آهي، پنهنجي ضرورت جون شيون کڻندو آهي، کاڌو وغيره ان کي ڳولهڻو هوندو آهي، اهو ڳولهيندو آهي، ٻاهر گهمندي گهمندي ان تي سج جي اُس پوندي آهي، گرمي پوندي آهي، دَزي (مٽي) پوندي آهي جنهن سان ان جي کَل پراڻي ٿي ويندي آهي سال ۾ ڪجھ وقت ايئن گذاريندو آهي جو اهو لِڪي ويندو آهي، ٻاهر ناهي نڪرندو، جڏهن پنهنجو وقت پورو ڪرڻ کان بعد اهو ٻاهر نڪرندو آهي ته ان جي کَلَ تبديل ٿي چڪي هوندي آهي، پراڻي کَل لهي ويندي آهي، نئي تازي چمڪندڙ کلَ ان جي مٿان اچي ويندي آهي.
اها ئي ڳالھ حديث پاڪ ۾ ٻڌائي وئي ته جهڙي طرح نانگ سوراخ ۾ ويندو آهي ته ان جي کلَ تازي چمڪندڙ ٿي ويندي آهي، ايئن ئي جڏهن ٻانهو دنيا ۾ هوندو آهي، ٻين شهرن ۾ پيل رهندو آهي ته ان تي شيطان به حملو ڪندو آهي، نفس گناھ به ڪرائيندو آهي، دنيا داري جي طرف دل مائل به ٿي ويندي آهي، جنهن جي ڪري ايمان ڪمزور ٿيڻ شروع ٿي ويندو آهي، ان وقت ايمان کي ٻيهر تازگيءَ جي ضرورت پوندي آهي ۽ هيءَ تازگي ڪيئن ملندي آهي؟ فرمايائون: اِنَّ الْاِيمَانَ لَيَاْرِزُ اِلَى الْمَدِينَةِ ايمان مديني جي طرف مڙي ويندو آهي. يعني جڏهن