$header_html

Book Name:Shoq e Madina

تمام وڏو انعام آهي، جنهن خوش نصيب کي زندگيءَ ۾ هڪ ڀيرو به هي موقعو نصيب ٿي وڃي، يقيناً اهو مقدر جو سڪندر آهي.

پر قربان وڃون! ڪريم جو ڪرم رڪجندو ناهي، جيڪي ڪرم وارا هوندا آهن انهن جو ڪرم محدود ناهي هوندو. هڪ ته هيءَ ئي سعادت تمام وڏي آهي جو ٻانهي کي اتي حاضري جو موقعو نصيب ٿي وڃي، سلام عرض ڪرڻ جي سعادت ملي وڃي، ان سان گڏوگڏ سعادت ماڻڻ واري تي وڌيڪ ڪرم اهو به ٿيندو آهي ته آقا ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي صدقي ۾ الله پاڪ ان ٻانهي سان گڏ هڪ فرشتو مقرر فرمائي ڇڏيندو آهي جيڪو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ ان جو سلام به پيش ڪندو آهي ۽ سلام عرض ڪرڻ واري جي دنياوي ۽ اُخروي ڪمن ۾ ڪِفايت پڻ ڪندو آهي، هيستائين بس ناهي، ان تي وڌيڪ ڪرم مٿان ڪرم هي ٿيندو آهي جو تاجدار رسالت، شهنشاههِ نُبُوَّت، مصطفيٰ جانِ رحمت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ قيامت جي ڏينهن ان (سلام عرض ڪرڻ واري) کي شفاعت سان به نوازيندا.

عَجَب کرم شَہِ والا تبار کرتے ہیں                          کہ نااُمِّیدوں کو اُمِّید وار کرتے ہیں

مجھے فَسُردَگئ بخت کا اَلَم  کیا ہو                                وہ ایک دَم میں خِزَاں کو بہار کرتے ہیں

جو خوش نصیب یہاں خاکِ دَر پہ بیٹھتے ہیں              جلوسِ مَسندِ شاہی سے عار کرتے ہیں[1]

وضاحت: اسان جي آقا ۽ مولا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون ڪرم نوازيون به ڪمال آهن جو نااميدن کي اميد عطا فرمائن ٿا. مونکي بدقسمتي جو غم ڇو ٿئي، پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم يڪدم سرءُ کي بهار (يعني بُري قسمت کي چڱي) ڪري ڇڏين ٿا، اهو خوش نصيب جنهن کي مديني پاڪ جي مٽيءَ تي ويهڻ نصيب ٿي وڃي، اهو بادشاهن جي تخت کي خاطر ۾ ناهي آڻيندو.

 صَلُّو ْا عَلَي الْحَبيب!                                                                                         صَلَّي الله عَلٰي مُحَمَّد


 

 



[1]...ذوقِ نعت، صفحہ:194۔



$footer_html