Book Name:Shoq e Madina
هنن حديثن مان خبر پئي ٿي ته گنھگار مسلمان جي لاءِ شفاعت آهي، جڏهن هر گنھگار جي لاءِ شفاعت آهي، چاهي ان مديني پاڪ جي حاضري ڏني هجي يا نه ڏني هجي ته روضي پاڪ جي زيارت ڪرڻ واري جي ڇا خصوصيت ٿي؟ هاڻي جواب ٻڌو: ڪجھ عالمن اهو ارشاد فرمايو آهي ته جيڪي عام گنھگار آهن، جنهن مديني پاڪ حاضري ناهي ڏني، ان جي لاءِ مجموعي شفاعت هوندي پر جن مديني شريف حاضري ڏني آهي، انهن جي لاءِ خصوصي شفاعت هوندي، ميدانِ محشر جي هولناڪين کان انهن جي حفاظت ڪئي ويندي، انهن جي جنّت ۾ بي حساب داخلا ٿيندي، اهي جنّت ۾ بلند درجا ماڻيندا، انهن کي الله پاڪ جو خصوصي ديدار نصيب ٿيندو. مولانا نقي علي خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جن ان جو هڪ ٻيو ايمان افروز جواب لکيو آهي، اهو هي آهي ته ڏسو! شفاعت ڪنهن کي ملندي؟ صرف مسلمان کي ملندي، ڪافر شفاعت جو حقدار ناهي. هاڻي ٿورو غور ڪريو! شفاعت هر گنھگار جي لاءِ آهي پر صرف ان جي لاءِ جيڪو دنيا مان ايمان جي حالت ۾ ويندو، هاڻي اسان مان ڪير به الله پاڪ جي خفيه تدبير کان واقف ناهي، الله پاڪ اسان جو ايمان سلامت رکي، جيڪو گنھگار آهي ممڪن آهي ته اهو پنهنجن گناھن جي ڪري ايمان کان ئي محروم ٿي وڃي، دنيا مان رخصت ٿيڻ وقت ان جو ايمان کسجي وڃي، جيڪڏهن ايئن ٿيو ته ظاهر آهي ان کي شفاعت نصيب نه ٿيندي، اهو سڄي زندگي شفاعت تي اميد رکي رهيو پر هاڻي ايمان جي حالت ۾ دنيا کان نه ويو ته هاڻي اهو شفاعت کان محروم ٿي ويندو پر ڪريم آقا، مڪي مدني مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ مدينه منوره حاضر ٿي ڪري نوراني روضي جي زيارت ڪرڻ واري جي لاءِ خوشخبري ڏين ٿا فرمايائون: وَجَبَتْ لَهُ شَفَاعَتِي ان جي لاءِ منهنجي شفاعت واجب ٿي ويندي.
واجب هئڻ جي معنٰي آهي: ضرور ملندي. مولانا نقي علي خانرَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: هاڻي حديث پاڪ جو مطلب هي ٿيندو ته جنهن ايمان جي حالت ۾ نوراني روضي جي زيارت ڪئي، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! الله ڪريم جا محبوب، اسان