Book Name:Shoq e Hajj
جو ڪم اعلان ڪرڻ آهي، ماڻهن تائين آواز پهچائڻ اسان جو ڪم آهي. هاڻي حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم صفا پهاڙيءَ تي ۽ هڪ روايت جي مطابق جَبَلِ اَبُو قُبَيس تي چڙهيا، پهريان پاڻ تَلبيه (يعني لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك) پڙهي، روايتن ۾ اچي ٿو: حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم سڀ کان پهرين شخصيت آهن جن تَلبيه پڙهڻ جي سعادت حاصل ڪئي، تَلبيه پڙهڻ کان بعد حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم ماڻهن کي پڪاريو: يَا اَيُّهَا النَّاسُ! اي انسانو! اِنَّ اللَّهَ كَتَبَ عَلَيْكُمْ حَجَّ الْبَيْتِ الْعَتِيقِ بيشڪ الله پاڪ توهان تي هن بيتِ عتيق (يعني ڪعبه شريف) جو حج فرض ڪيو آهي هڪ روايت ۾ آهي: پاڻ عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم هيئن اعلان ڪيو: اِنَّ اللَّهَ يَدْعُوكُمْ اِلَى حَجِّ الْبَيْتِ الْحَرَامِ اي انسانو! بيشڪ الله پاڪ توهان کي بيت الله جي طرف سڏي ٿو، لِيُثِيبَكُمْ بِهِ الْجَنَّةَ ته جيئن حج جي ثواب ۾ توهان کي جنّت عطا فرمائي وَيُخْرِجَكُمْ مِنَ النَّارِ ۽ توهان کي حج جي برڪت سان جهنّم کان آزاد ڪري ڇڏي.
روايتن ۾ اچي ٿو ته حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم پنهنجي ظاهري حيات ۾ جڏهن ڪعبي شريف جي تعمير ڪئي ته ان وقت پاڻ هي اعلان ڪيائون پر الله ڪريم جي قدرت حضرت ابراهيم عَـلَيْـهِ الـسَّـلاَم جو معجزو آهي جو کين اهو آواز قيامت تائين اچڻ وارن ماڻهن ٻُڌو ۽ جيڪي خوش نصيب (Lucky) هئا انهن هن آواز تي لَبَّیْک چيو. ([1])
حضرت امام مجاهد رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: جنهن ان وقت لَبَّیْک چيو هو اهو ئي زندگيءَ ۾ حج جي سعادت ماڻيندو آهي، جنهن هڪ ڀيرو لَبَّیْک چيو هو اهو هڪ ڀيرو حج ڪندو آهي، جنهن ٻه ڀيرا لَبَّیْک چيو هو اهو ٻه ڀيرا حج ڪندو آهي ۽ جنهن وڌيڪ ڀيرا لَبَّیْک چيو هو اهو وڌيڪ ڀيرا حج جي سعادت ماڻڻ ۾