Book Name:Shoq e Hajj
ٻئي رات ٿي، وري رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف کڻي آيا، پوءِ ارشاد فرمايائون: تون هن سال حج جي لاءِ هليو وڃجانءِ.
اهو عاشقِ رسول پنهنجي سامان نه هئڻ جو ذڪر نه ڪري سگهيو، ٽئين رات وري ڪرم ٿيو، وري الله جا رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف کڻي آيا ۽ فرمايائون: تون هن سال حج تي هليو وڃجانءِ. هن ڀيري به پنهنجي پريشاني بيان نه ڪري سگهيو، آخر چوٿينء رات وري ڪرم ٿيو، رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم خواب ۾ تشريف کڻي آيا ته ان عرض ڪري چيو ته يا رسولَ الله يا حبيبَ الله صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم مون وٽ ته سفر جو خرچ به ناهي مان ڪيئن ٿو حج تي وڃي سگهان ؟
پاس مال و زَر نہیں اُڑنے کو بھی پَر نہیں کر دو کوئی انتظام تم پہ کروڑوں سلام
پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: ڇو نه؟ تو وٽ سفر جو خرچ آهي، تو پنهنجي گهر جي فلاڻي جڳھ کوٽ، اتي تنهنجي ڏاڏي جي زِرَھ موجود هوندي، ايترو فرمائي ڪري نور جا پيڪر تمام نبين جا سَرۡوَر صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم تشريف کڻي ويا، صبح جو عاشقِ رسول جي اک کُلي، تمام گهڻو خوش هئا، نماز فجر ادا ڪرڻ کان بعد آقا ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي ٻڌايل جڳھ کان کوٽڻ شروع ڪيو، واقعي اتي هڪ قيمتي زِرَھ موجود هئي، ان اها زِرَھ فروخت ڪئي ۽ حج جي لاءِ روانو ٿي ويو. ([1])
جسے چاہا دَر پہ بُلا لیا جسے چاہا اپنا بنا لیا
یہ بڑے کرم کے ہیں فیصلے یہ بڑے نصیب کی بات ہے
اي عاشقانِ! خبر پئي! حج جي لاءِ مال ۽ اسباب جي نه، سوچ ۽ تڙپ جي ضرورت آهي، لهٰذا اسان کي گهرجي ته اسان پنهنجي دل ۾ شوقِ حج وڌايون، حج جا فضائل پڙهون، اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! دل ۾ حج جو شوق پيدا ٿيندو، ڪاش!