Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

جو وڏو شوق هو، 3 سالن تائين لڳاتار اهو حج جي لاءِ دعائون ڪندو رهيو، روئي روئي ڪري ربّ جي بارگاھ ۾ عرض ڪندو رهيو:

بڑا حج پہ آنے کو جی چاہتا ہے     بُلاوا اب آ ئیگا کب یا الٰہی!

مَیں مکّے میں آؤں مدینے میں آؤں  بنا    کوئی   ایسا   سَبب   یا   الٰہی! ([1])

 لڳاتار 3 سال دعائون ڪندو رهيو پر ان جي دل جي حسرت پوري نه ٿي، ڇوٿين سال حج جي موسم هئي، دل ۾ حرمين شريفين پهچڻ ۽ ڪعبي شريف جي زيارت جو شوق پيدا ٿيو، ان تڙپي تڙپي الله ڪريم جي بارگاھ ۾ دعائون ڪيون، هن ڀيري ان تي ڪرم ٿي ئي ويو، بهرحال هڪ رات جڏهن هو سُتو ته سُتل قسمت جاڳي پئي،  اک لڳي ته دل جي اک کلي وئي، نصيب ٺاهڻ وارا  آقا، هڪ عاشقِ رسول جي دل جي حسرت کي پورو ڪرڻ جي لاءِ خواب ۾ تشريف کڻي آيا.

اُمّت کے حال سے وہ آگاہ ہر گھڑی ہیں   خوابوں میں آرہے ہیں، بِگڑی بنا رہے ہیں

  رسولِ رحمت شفيعِ امّت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن پنهنجي ان عاشق کي فرمايو: تون هن سال حج جي لاءِ هليو وڃجانءِ

                            اَللہ ُاَکْبَر! رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي زبان مبارڪ مان حج جي اجازت جي خوشخبري ٻُڌندي ئي ان عاشقِ رسول جي اک کلي وئي. بارگاھِ نُبوت مان حج جي اجازت ملي چڪي هئي، ان جي دل خوشيءَ مان جهومي رهي هئي، سرڪارِ عالي وقار، مڪي مدني تاجدار صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو پيارو پيارو آواز ان جي ڪنن ۾ گونجي رهيو هو، اهو تمام گهڻو خوش هو، پر اوچتو ياد آيو ته حج جي اجازت ته ملي وئي آهي پر مون وٽ ته ايترا اسباب ئي ناهن جو حج تي وڃي سگهان، هي خيال اچڻ جي دير هئي، سڄي خوشي غم ۾ تبديل ٿي وئي.


 

 



[1]... وسائلِ بخشش، صفحہ:107۔