Book Name:Shoq e Hajj
پوڙهو شخص حضرت شيخ جهانگير سَمناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه جي خدمت ۾ حاضر ٿيو، حضرت شيخ جهانگير سَمناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه زبان سان نه بلڪه هٿ جي اشاري سان فرمايو: وڃو! بس ايتري اشاري ٿيڻ جي دير هئي، پوڙهو شخص ڇا ٿو ڏسي! هاڻي جيڪو هند ۾ هو، اشارو ٿيندي ئي مسجدِ حرام شريف ۾ ڪعبه شريف جي سامهون موجود آهي.
اَللہُ اَکْبَر! پوڙهي شخص جي ته عيد ٿي وئي، حج جو شوق هو، حج جي حسرت هئي، انهن جهومي جهومي ڪري طوافِ ڪعبه ڪيو، ميدانِ عرفات ۾ پهتا، حج جا ٻيا رڪن مڪمل ڪيا، جڏهن حج جا ڏينهن پورا ٿي ويا، ته هاڻي پوڙهي شخص کي خيال آيو ته مون وٽ ته واپسيءَ جو خرچ ناهي، مان ته الله جي وليءَ جي ڪرامت جي ذريعي هتي پهتو هئس، جيئن ئي خيال آيو ته پوڙهي شخص حضرت شيخ جهانگير سَمناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه کي پنهنجي سامهون بيٺل ڏٺو، هاڻي حضرت شيخ جهانگير سَمناني رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ٻيهر اشاري سان فرمايو: وڃو! هاڻي ڇا ٿا ڏسن ته پوڙهو شخص هاڻي جيڪي مسجدِ حرام شريف ۾ هئا هاڻي هِند ۾ پنهنجي گهر ۾ موجود آهن. ([1])
کیوں کر نہ میرے کام بنیں غیب سے حَسنؔ بندہ بھی ہُوں تو کیسے بڑے کار ساز کا ([2])
اي عاشقانِ رسول! ٿي سگهي ٿو ڪنهن جي دل ۾ وسوسو اچي ته هيءُ ڪيئن ٿو ٿي سگهي؟ جو هند ۾ ويٺل شخص فوراً هزارين ڪلو ميٽر پري جو سفر طئي ڪري مڪي شريف پهچي وڃي، هن وسوسي جي ٽوڙ جي لاءِ عرض آهي ته هي الله جي ولين جي ڪرامت آهي ۽ الله پاڪ پنهنجن نيڪ ٻانهن کي، اولياءِ ڪرام کي ڪرامتن سان نوازيندو آهي ۽ هي جيڪا ڪرامت آهي هند کان يڪدم مڪي شريف پهچي وڃڻ، هن ڪرامت کي طَئُي الۡاَرض (يعني زمين