Shoq e Hajj

Book Name:Shoq e Hajj

ڪيو ويندو آهي، جڏهن اهو ميدانِ عرفات ۾ ترسندو آهي ته الله پاڪ پنهجي شان جي لائق دنيا جي آسمان تي تجلي فرمائيندو آهي: اي ملائڪو! گواھ ٿي وڃو! مون انهن جا گناھ معاف ڪري ڇڏيا توڙي جو مينهن جي قطرن (Rain drops) ۽ واريءَ جي ذرن جي برابر هجن.

رسول اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن وڌيڪ فرمايو: جڏهن حاجي جمرات جي رَمي ڪندو (يعني شيطان کي پٿريون هڻندو) آهي ته قيامت تائين ان جو ثواب ڪير به نه ٿو ڄاڻي سگهي، جڏهن اهو پنهنجو مٿو ڪوڙائيندو آهي ته ان جي مٿي تان ڪرڻ واري هر وار جي بدلي قيامت جي ڏينهن نور ٿيندو، ۽ جڏهن حاجي ڪعبي شريف جو آخري طواف ڪندو آهي ته گناھن کان ايئن پاڪ ٿي ويندو آهي جيئن ان ڏينهن هو جڏهن ان جي ماءُ ان کي ڄڻيو هو. ([1])

سُبۡحان الله! پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! حج ڪرڻ جا ڪهڙا زبردست فضائل آهن* حاجي گهر کان نڪرندو آهي ته ان جي هر قدم جي بدلي هڪ نيڪي لکي ويندي آهي* هڪ گناھ مٽايو ويندو آهي* ميدانِ عرفات ۾ ان جا سمورا گناھ معاف ڪيا ويندا آهن* حاجي جڏهن شيطان کي پٿريون هڻندو آهي ته ان کي بي شمار اجر عطا ڪيو ويندو آهي* حاجي جڏهن بيت الله جو آخري طواف ڪندو آهي ته اهو گناھن کان بلڪل پاڪ ٿي ويندو آهي* مقبول حج جي جزا جنّت آهي* حج گزشته گناھن کي مٽائي ڇڏيندو آهي* حاجي پنهنجي گهر وارن مان 14 سؤ ماڻھن جي شفاعت ڪندو* حاجي جنهن جي لاءِ مغفرت جي دعا ڪري ان جي به مغفرت ٿي ويندي آهي* حاجي الله جو مهمان (Guest) آهي* حاجي جي دعا قبول ڪئي ويندي آهي* حاجي جي تنگدستي مٽائي ويندي آهي* جيڪو حاجي حج جي سفر ۾ فوت ٿي وڃي قيامت جي ڏينهن


 

 



[1]... صحیح ابن حبان، کتاب کتاب الصلاۃ، صفحہ:586، حدیث:1887۔