Book Name:Shoq e Hajj
ته هي ڪهڙو عجيب ماڻهو آهي، هلڻ ڦرڻ کان معذور آهي پوءِ به وڏي شوق ۽ محبت سان مڪي پاڪ جي طرف وڃي رهيو آهي.
مان سندس ويجهو ويس ۽ پڇو مانس: ڀاءَ! ڪٿان کان آيو آهين؟ چوڻ لڳو: مان سَمرقند کان اچي رهيو آهيان. (سمرقند اَزۡبُڪِسۡتان جو هڪ صوبو آهي ۽ موجوده نقشي جي مطابق سمرقند کان مڪي شريف تائين فاصلو تقريباً 4 هزار 4 سؤ 17 ڪلو ميٽر آهي) ايڏو وڏو سفر ۽ اهو شخص هلڻ کان معذور گوڏن ڀر وڃي رهيو آهي. حضرت شفيق بلخي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: مونکي وڏي حيرت ٿي ۽ مون ان کان پڇيو: ڀاءَ! ڪيترو عرصو ٿيو آهي سمرقند کان نڪتي؟ چوڻ لڳو: 10 سال ٿي چڪا آهن. هاڻي ته تعجب ۽ حيرانيءَ جي انتها نه رهي، حضرت شفيق بلخي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه حيرت ۾ اچي ڪري تيز نظرون ڄمائي ڪري ان خوش نصيب عاشقِ رسول جي طرف ڏسڻ لڳا. ان پڇيو: اي شفيق! ڇا ٿا ڏسو؟ فرمايائون: مان توهان جي ڪمزوري ۽ ڊگهي سفر کان حيران آهيان، ان خوش نصيب عاشقِ رسول وڏو پيارو جواب ڏنو، اي شفيق بلخي! سفر جي دوريءَ کي منهنجو شوق ويجهو ڪري ڇڏيندو ۽ باقي رهي ڳالھ منهنجي ڪمزوريءَ جي ته منهنجي ڪمزوريءَ جو سهارو منهنجو مالڪ ۽ مولا آهي. ([1])
فاصلوں کو تکلُف ہے ہم سے اگر ہم بھی بے بس نہیں بے سہارا نہیں
خود اُنہی کو پکاریں گے ہم دور سے راستے میں اگر پاؤں تھک جائیں گے
سُبحان الله! اي عاشقانِ رسول! ڏٺو توهان اپاهج حاجيءَ جو جذبو ڪيڏو زبردست آهي اپاهج (يعني هلڻ ڦرڻ کان معذور) هئڻ جي باوجود گوڏن ڀر ڪعبي شريف جي شوق ۾ هلندو پئي ويو ، 10 سالن کان مڪي شريف جي طرف هلي رهيو هو، ان جي جذبي ۽ همت تي لکين سلام، صد ڪروڙ مرحبا ان جي جذبي ۽ شوق تي. هن واقعي ۾ اسان جي لاءِ به وڏي عبرت آهي، اهو نادان مسلمان