Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun
شريف الله پاڪ جي بارگاھ ۾ عرض ڪندو: اي الله پاڪ! منهنجي پاڙي ۾ دفن ٿيڻ وارن مؤمنن جي حق ۾ منهنجي شفاعت قبول فرماءِ. آواز ايندو: مون تنهنجي درخواست قبول فرمائي ورتي (يعني تنهنجي پاڙي ۾ جيڪي مؤمن دفن آهن انهن سڀني جي حق ۾ تنهنجي شفاعت قبول ڪئي وئي آهي.) بهرحال مڪهءِ مڪرمه ۾ جيترا مؤمن دفن آهن، انهن سڀني کي اٿاريو ويندو، انهن جا چهرا اڇا ۽ چمڪندڙ هوندا، اهي سڀ احرام جي حالت ۾ ڪعبي جي ويجهو جمع ٿي ويندا ۽ انهن سڀني جي زبان تي هڪ ئي ڪلمو هوندو: لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان).
هاڻي ملائڪ ڪعبي شريف کي چوندا: اي ڪعبه! هاڻي هل...!! هاڻي ته تنهنجو سوال پورو ٿي چڪو. ڪعبو شريف چوندو: مان نه هلندُس جيستائين منهنجي درخواست قبول نه ٿي وڃي. آسمان جي فضا مان هڪ ملائڪ پڪاري چوندو: اي ڪعبه! تون گُهر توکي ڏنو ويندو. ڪعبو شريف چوندو: اي الله پاڪ! تنهنجا گناھگار ٻانها جيڪي پري، پري کان مٽيءَ ۾ لٿڙيل مون وٽ آيا، انهن پنهنجا گهر ٻار، عزيز رشتيدار ڇڏيا، فرمانبداري ڪئي ۽ تنهنجي حڪم تي عمل ڪندي، منهنجي زيارت جي شوق ۾ آيا ۽ حج ڪيائون، اي ربِّ ڪريم! مان توکان سوال ٿو ڪيان ته انهن حاجين جي حق ۾ به منهنجي شفاعت قبول فرماءِ، انهن کي قيامت جي گهٻراهٽ کان امن عطا فرماءِ ۽ انهن کي منهنجي ويجهو جمع فرماءِ. هاڻي ملائڪ اعلان ڪندو: جنهن ڪعبي جي زيارت ڪئي هئي، اهي ٻين ماڻهن کان الگ ٿي وڃن. هي اعلان ٻڌي ڪري اهلِ محشر مان اهي تمام ماڻهو جيڪي ڪعبي جي زيارت سان مشرف ٿيا هوندا، جنهن حج يا عمري جي سعادت حاصل ڪئي هوندي، اهي سڀئي الگ ٿي ڪري ڪعبي شريف جي چؤطرف جمع ٿي ويندا، انهن جا چهرا اڇا هوندا ۽ جهنّم کان بي خوف ٿي ڪري ڪعبي شريف جو طواف ڪري رهيا هوندا، انهن جي زبان تي هڪ ئي ڪلمو هوندو: لَبَّيْك اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك (مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان). پوءِ ملائڪ پڪاريندو: اي ڪعبه! هاڻي ته تنهنجو سوال پورو ٿي ويو هاڻي ته هل...!