Ya ALLAH Main Hazir Hun

Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun

پڪاريندو آهي ڇا  فرمائيندو آهي: ابنِ آدم! مااصبتنی اي ابنِ آدم! تو مون سان انصاف ناهي ڪيو، اذکرک و تنسانی مان توکي ياد ڪندو آهيان تو مونکي ويساري ڇڏيندو آهين، وادعوک علی فتذہب الی غیری مان توکي پنهنجي طرف سڏيندو آهيان تون ٻين جي طرف ويندو آهين، وا ذہب عنک البلایا  و عن تعکف الخطایا مان توکان بلائون دور ڪندو آهيان ۽ تون خطائن تي مضبوط رهندو آهين، اي آدم جي اولاد! ما اعتذارک  غدا اذا جئتنی جڏهن تنهنجو هي حال آهي ته مان توکان بلائون دور ڪندو آهيان تون خطائن تي رهندو آهين، مان توکي ياد ڪندو آهيان تون مونکي ويساريندو آهين، مان توکي پڪاريندو آهيان تون ٻين جي طرف ويندو آهين، جڏهن تنهنجو هي حال آهي (ته پوءِ) سڀاڻي قيامت جي ڏينهن جڏهن تون منهنجي بارگاھ ۾ ايندين ته تو وٽ ڪهڙو عذر هوندو.[1]

هيءَ ڪهڙي عبرتناڪ پڪار آهي. ڪاش! اسان هن کي سمجهون ۽ عملي طور پنهنجي ربّ ڪريم جي بارگاھ ۾ حاضر ٿي وڃون، هر روز هڪ  هي ته اسان جي آقا ۽ مولا مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ  عَلَيۡهِ  وَاٰلِهٖ  وَسَلَّمَ جيڪا دعا جي تعليم ارشاد فرمائي آهي، ان دعا کي پڙهڻ جو پنهنجو ذهن بڻايون، روزانو جي عادت بڻايون، جڏهن صبح جو اٿون ته ذوق ۽ شوق سان هي دعا پڙهون، پنهنجي ربّ جي بارگاھ ۾ عرض ڪريون: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ وَسَعْدَيْكَ وَالْخَيْرُ فِي يَدَيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله! مان حاضر آهيان. سعادت تنهنجي ئي طرف کان آهي، مان توکان سعادت جو سوال ڪريان ٿو، سڀئي ڀلايون تنهجي ئي دستِ قدرت ۾ آهن. زبان سان هيءَ دعا پڙهون ۽ گڏوگڏ ان تي عمل جي به نيّت ڪريون عملي طور اسان هي اظهار ڪريون ته اي الله! مان حاضر آهيان تو جيڪو حڪم ارشاد فرمايو آهي مان ان تي مٿو جهڪايان ٿو. الله ڪريم اسان سڀني کي عمل جي توفيق نصيب فرمائي. آمِیْن  بِجَاہِ  خَاتَمِ النَّبِیّٖن   صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ.


 

 



[1] شرح حدیثِ  لبیک اللہم لبیک،صفحہ:27