Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun
باطل عقيدن کي ڇڏي ڪري تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر ٿي ڪري اقرار ڪريان ٿو: لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ (ڪو عباد ت جي لائق ناهي پر صرف الله) هاڻي بادشاھ جڏهن لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ پڙهڻ شروع ڪيو، حضرت بِڪر بن عبد الله رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه فرمائن ٿا: الله پاڪ ايڏو مينهن وسايو جو سڄي باھ وسامي وئي، پوءِ اوچتو تيز طوفان هليو، ايترو تيز طوفان هليو جو بادشاھ سميت پوريءَ ديڳ کي اڏرائي کڻي ويو، هاڻي ديڳ اڏامي پئي بادشاھ ان ديڳ جي اندر آهي ۽ پڙهي رهيو آهي: لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ ، لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ ايئن ئي بادشاھ پڙهندو رهيو ۽ طوفان ان کي ۽ ديڳ کي پري هڪ ڳوٺ ۾ کڻي وئي، جنهن ڳوٺ ۾ وڃي ديڳ زمين تي لٿي، اهو ڳوٺ غير مسلمن جو ڳوٺ هو، هاڻي جڏهن غير مسلمن لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ جون صدائون ٻڌيون، ته ڀڄي ڪري تلوارون مياڻ مان ڪڍي آيا، پر جڏهن انهن ڏٺو ته هڪ ديڳ اڏامي آئي آهي ان ۾ هڪ شخص آهي اهولَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ جو وِرد ڪري رهيو آهي، ته انهن کي ڪجھ حيراني ٿي ته هيءَ ديڳ ڪيئن اڏامندي آئي، ته انهن بادشاھ کان سڄي ڪهاڻي پڇي؟ سڄو واقعو پڇيو؟ جڏهن بادشاھ پنهنجو سڄو واقعو ٻڌايو ته غير مسلمن جو سڄو ڳوٺ ڪلمو پڙهي مسلمان ٿي ويو.[1] سُبۡحانَ الله!
اي عاشقانِ رسول! هاڻي هن واقعي ۾ ٿورو غور ڪريو...! هڪ اهڙو شخص جنهن سڄي زندگي ڪفر ۾ گذاري ڇڏي، سڄي زندگي جنهن شرڪ ۾ گذاري ڇڏي، جنهن سڄي زندگي ظلم ڪندي مال ۽ دولت جي محبت ۾، عيش ۽ آرام ۾ گذاري ڇڏي، هڪ ڀيرو به ربّ جي حضور مٿو نه جهڪايائين، ان ٻانهي جڏهن هڪ ڀيرو پاڻ کي ربّ جي بارگاھ ۾ پيش ڪيو ۽ اقرار ڪيو ته اي الله! مان سڄي زندگيءَ جي شرڪ کي ڇڏي ڪري اڄ تنهنجي بارگاھ ۾ حاضر ٿيان ٿو ۽ هن اظهار جي لاءِ ڪلمهءِ طيّب لَااِلٰہَ اِلاَّاللہُ پڙهيو ته ربّ ڪريم غيب مان ان جي حفاظت جو سامان ڪري ڇڏيو. ٿورو غور ڪريو...! جنهن شخص پيدا ٿيندي ئي پنهنجي ڪنن ۾ پنهنجي پيدا ڪرڻ واري پاڪ پروردگار جو نالو