Book Name:Ya ALLAH Main Hazir Hun
ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك.
اذْكُرُوا اللّٰهَ ذِكْرًا كَثِیْرًاۙ(۴۱) (سيپارو: 22، سورة احزاب: 41)
ترجموڪنزالعرفان: الله کي تمام گهڻو ياد ڪريو.
ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك.
ربّ فرمائي ٿو:
وَ قُوْلُوْا قَوْلًا سَدِیْدًاۙ(۷۰) (سيپارو: 22، سورة احزاب: 70)
ترجمو ڪنزالعرفان: ۽ سڌي ڳالھ ڪندا ڪيو
ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك.
ربّ فرمائي ٿو:
لَا تُقَدِّمُوْا بَیْنَ یَدَیِ اللّٰهِ وَ رَسُوْلِهٖ (سيپارو: 26، سورة حُجرات: 1)
ترجموڪنزالعرفان: الله ۽ ان جي رسول کان اڳتي نه وڌو
ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْك.
ربّ فرمائي ٿو:
وَ تَبَتَّلْ اِلَیْهِ تَبْتِیْلًاؕ(۸) (سيپارو: 29، سورة مزمل: 8)
ترجموڪنزالعرفان: ۽ سڀني کان جدا ٿي فقط انهي جو ٿي رھ.
ٻانهي کي ڇا چوڻو آهي؟ لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ مان حاضر آهيان، اي الله مان حاضر آهيان.
مطلب ته...! الله ڪريم پنهنجي ٻانهن کي جيترا احڪام ارشاد فرمايا، جيترين ڳالهين کان منع فرمايو، ٻانهو روزانو صبح جي وقت اٿي ڪري، ان جو اظهار ڪري، ان جو اقرار ڪري ۽ چئي: لَبَّيْكَ اَللّٰھُمَّ لَبَّيْكَ يعني الله پاڪ جيترا تنهنجا