$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

فرمايو: اَلَیْسَ الْبَلَدَۃَ؟  ڇا هي بَلَده (يعني مڪهءِ مڪرّمه) ناهي؟ سڀني عرض ڪيو: ڇو نه (بلڪل هي مڪهءِ مڪرمه ئي آهي). پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ٽيون سوال ڪيو: هي ڪهڙو ڏينهن آهي؟ صحابهءِ ڪرامرَضِىَ اللهُ عَـنْهُم جن هن ڀيري به ادب وچان چيو: اللہُ وَرَسُوْلُہٗ اَعْلَمُ الله ۽ ان جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻين ٿا. رسول خدا، احمدِ مجتبٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلَیْسَ یَوْمَ النَّحْرِ؟ ڇا هي يومُ النَحۡر ناهي؟ سڀني عرض ڪيو: ڇونه، (هي يومُ النَحر يعني قرباني جو ئي ڏينهن آهي). هاڻي پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: بيشڪ جيئن هن ڏينهن جي، هن شهر ۽ هن مهيني ۾ حرمت ۽ عزّت آهي، توهان جي رت، توهان جا مالَ ۽ توهان جون عزّتون ايئن ئي هڪٻئي تي حرام آهن.[1]

حڪيمُ الامّت مفتي احمد يار خان نعيمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ فرمائن ٿا: حرم جي حد ۾ جيئن هڪ نيڪي هڪ لک بڻجي ويندي آهي، ايئن ئي گناھ هڪ جو لک آهي، ان ڪري پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: هتي جو گناھ ٻين مقامات جي گناھ کان سخت تَرين آهي، ايئن ئي مسلمان جي رت، مال، عزّت ظُلۡماً برباد ڪرڻ سخت ترين آهي. [2]

خدایا! کسی کانہ دل میں دکھاؤں                 اَماں تیرے اَبَدی عذابوں سے پاؤں

مسلمان کي تڪليف پهچائڻ تمام وڏو گناھ آهي

مفتي صاحب هڪ مقام تي فرمائن ٿا: يعني جيئن ماھ ذِي الحج ۾ خصوصاً  عرفه جي ڏينهن، حرم شريف جي زمين ۾ گناھ ڪرڻ تمام وڏو ڏوھ آهي جو ان ۾ ٽن ڏوهن جو ميڙ آهي: (1): گناھ هڪ ڏوھ (2): محترم جڳھ جي بي حُرمتي ٻيو ڏوھ (3): حرمت واري تاريخ ۽ مهيني جي بي ادبي ٽيون ڏوھ، ايئن ئي مسلمان جي رت وهائڻ، مال کسڻ (۽ عزّت پامال ڪرڻ) کوڙ ڏوھن جو ميڙ آهي جو هي ظلم به آهي، الله پاڪ جي ناراضگي جو سبب به آهي ۽ رسولِ اڪرم،


 

 



[1]...بخاری، کتاب المغازی، باب حجۃ الوداع، صفحہ:1092، حدیث:4406ملتقطاً۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:4، صفحہ:173۔



$footer_html