Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
مفتي صاحب هڪ ٻئي مقام تي لکن ٿا: مسلمان کي نه دل ۾ حقير ڄاڻو! نه ان کي حقارت جي لفظن سان پڪاريو! نه ئي بُري لقبَ سان ياد ڪريو! نه ان جو مذاق بڻايو! اڄ اسان ۾ هي عيب گهڻو آهي، پيشي، نسب، يا غريبي ۽ مفلسي جي ڪري مسلمان ڀاءُ کي حقير ڄاڻيندا آهيون ته هو پنجابي آهي، هو بنگالي، هو سنڌي، هو سرحدي، اسلام اهي سڀ فرق مٽائي ڇڏيا. ماکيءَ جي مک مختلف گلن جي رس چوسيندي آهي ته ان جو نالو ماکي ٿي ويندو آهي ايئن ئي جڏهن حضورِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جو دامن پڪڙي ورتو ته سڀ مسلمان هڪ ٿي ويا، حَبۡشي هجي يا رومي![1]
دامنِ مصطفٰے سے جو لپٹا یگانہ ہوگیا جس کے حضور ہوگئے اس کا زمانہ ہوگیا
حَجَّةُ الۡوداع جو موقعو هو، الله پاڪ جي آخري نبي رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن منٰي شريف ۾ خطبو ارشاد فرمايو، ان خطبي ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن صحابهءِ ڪرامرَضِىَ اللهُ عَـنْهُم کي مخاطب ڪندي فرمايو: هي ڪهڙو مهينو آهي؟ (بلڪل واضح ڳالھ هئي، حج جو موقعو آهي ۽ حج ذوالحجة الحرام ۾ ئي ادا ڪيو ويندو آهي پر صحابهءِ ڪرامرَضِىَ اللهُ عَـنْهُم جو ادب ڏسو!) صحابهءِ ڪرامرَضِىَ اللهُ عَـنْهُم کي گمان ٿيو ته شايد حضور صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هن مهيني جو نالو تبديل فرمائڻ وارا آهن، لهٰذا عرض ڪيائون: اللہُ وَرَسُوْلُہٗ اَعْلَم الله ۽ ان جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻين ٿا. اسان جي آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: اَلَیْسَ ذُوالْحِجَّۃِ؟ ڇا هي ذوالحج جو مهينو ناهي؟ صحابهءِ ڪرامرَضِىَ اللهُ عَـنْهُم عرض ڪيو: ڇو نه (يعني جي ها! ذوالحج جو ئي مهينو آهي) مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ٻيو سوال ڪيو: اَیُّ بَلَدٍ ہٰذَا؟ هي ڪهڙو شهر آهي؟ (هيءَ بلڪل واضح ڳالھ هئي، حج مڪي ۾ ئي ادا ڪيو ويندو آهي پر صحابهءِ ڪرامرَضِىَ اللهُ عَـنْهُم هن ڀيري به ادب ڪندي) عرض ڪيو: اللہُ وَرَسُوْلُہٗ اَعْلَمُ الله ۽ ان جا رسول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ بهتر ڄاڻن ٿا. پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ