$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

هو ته جلدي مان اڳتي وڌي ڪري گهوڙي جي مھار پڪڙي وٺندو هو، ته جيئن گهوڙي سوار آسانيءَ سان لهي وڃي. اڄ جي زماني ۾ ان جو مثال هيئن ٿيندو ته مثال طور هڪ شخص موٽر سائيڪل تي آيو، ٻيو جلدي مان اڳتي وڌي ڪري موٽر سائيڪل پڪڙي وٺي ته ڏيو مان پارڪ ڪريان ٿو، ان عمل سان ان کي ڪا لالچ نه هجي جو مثال طور سيٺ صاحب آهن، ڪي نگران صاحب آهن، مان انهن جي عزّت ڪندس ته هي مون تي نوازشن جا دروازا کولي ڇڏيندا، نه ئي ڪو خوف هجي جو سيٺ صاحب يا نگران تشريف کڻي آيا آهن، جيڪڏهن اڳتي وڌي ڪري موٽر سائيڪل پارڪ نه ڪندس ته انهيءَ مهل ٻڌائيندا يا ناراض ٿيندا، اهڙو ڪو معاملو نه هجي، نه لالچ هجي، نه ڪو خوف هجي بلڪ ٻانهو خالص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ پنهنجي مسلمان ڀاءُ جي عزّت ڪري ته ان جي برڪت سان الله پاڪ ان عزّت ڪرڻ واري جي مغفرت فرمائي ڇڏيندو آهي.

 سُبْحٰنَ اللہ! الله پاڪ اسان کي ٻين جي عزّت ڪرڻ جي توفيق نصيب فرمائي.

آمِیْن بِجَاہِ خَاتَمِ النَّبِیّٖن  صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ

مسلمان جي عزّت ٻئي مسلمان تي حرام آهي

الله پاڪ جي آخري رسول، رسولِ مقبول صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن فرمايو: کُلُّ الْمُسْلِمِ عَلَی الْمُسْلِمِ حَرَامٌ دَمُہٗ وَمَالُہٗ وَعِرْضُہٗ يعني هر مسلمان جي رت ۽ مال ۽ عزّت ٻئي مسلمان تي حرام آهي.[1]

مفتي احمد يار خان رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه هن حديث پاڪ جي شرح ۾ لکن ٿا: ڪو مسلمان ڪنهن مسلمان جو مال ان جي اجازت جي بغير نه کڻي، ڪنهن جي آبرو ريزي (يعني بيعزّتي) نه ڪري، ڪنهن مسلمان کي ناحق ۽ ظلم ڪندي قتل نه ڪري، ڇو جو هي سڀ سخت جُرۡم آهن.[2]


 

 



[1]...مسلم، كتاب البر والصلۃ، صفحہ:1386، حدیث:2564۔

[2]...مرآۃ المناجیح، جلد:6، صفحہ:553۔



$footer_html