$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

مسلمان جي عزّت

ابن ماجه شريف ۾ آهي، حضور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم  جن ڪعبي شريف کي مخاطب ڪندي فرمايو: اي ڪعبه تون ڪيڏو پاڪ آهين! تنهنجي خوشبو ڪيڏي ته پاڪ آهي! تون ڪيڏو عظيم آهين! تنهنجي عزّت به ڪيڏي بلند آهي! ان ذات جو قسم جنهن قبضي ۾ محمد (صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم) جي جان آهي بيشڪ هڪ مؤمن جي عزّت الله پاڪ وٽ تنهنجي عزّت کان وڌيڪ آهي.[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! غور فرمايو! الله پاڪ مسلمانن کي ڪيڏي عزّتن سان نوازيو آهي، يقيناً درجات جي اعتبار سان عزّتن ۾ گهٽ وڌائي ته آهي، هڪ ولي الله جي ۽ عام مؤمن جي عزّت برابر ناهي، اهڙيءَ طرح عالمن جي عزّت عوام جي عزّت کان وڌيڪ آهي پر عزّت ته سڀني جي آهي، جنهن جي دل ۾ به ايمان جو نور موجود آهي، ان جي مٿي تي عزّت جو تاج به سجايل آهي، لهٰذا اسان کي گهرجي ته هر مسلمان جي عزت ڪريون، ان جي حرمت جو خيال رکون. الله پاڪ جي پياري  ۽ آخري نبي، مڪي مدني محمدِ عربي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن فريايو: جيڪو ٻانهو پنهنجي مسلمان ڀاءَ (جي عزت ڪندي، ان) جي گهوڙي جي مُھار  پڪڙي، ان جو هيءُ عمل ڪنهن لالچ جي ڪري نه هجي، ڪنهن قِسم جي خوف جي ڪري نه هجي (بلڪ خالص الله پاڪ جي رضا جي لاءِ هجي) ته غَفَرَ اللہُ لَہٗ الله پاڪ ان مُھار پڪڙڻ واري جي مغفرت فرمائي ڇڏيندو آهي.[2]

اڳي زماني ۾ گهوڙن تي سفر ڪيو ويندو هو ته عزّت افزائي جو هي طريقو هو ته هڪ شخص گهوڙي جي مھار پڪڙيندو هو ته جيئن سوار ٿيڻ وارو آسانيءَ سان سوار ٿي وڃي، اهڙيءَ طرح جڏهن ڪو گهوڙي سوار ايندو


 

 



[1]...ابن ماجہ، کتاب الفتن، صفحہ:633، حدیث:3932۔

[2]...معجم الاوسط،  جلد:1، صفحہ:287، حدیث:1012۔



$footer_html