$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

کي مسلمان استعمال ڪري چڪو هجي، جڏهن اهو مسواڪ(يعني ڏندڻ) استعمال جي قابل نه رهي (مثال طور تمام ننڍو ٿي وڃي جو پڪڙيو نه وڃي) ته ان ڏندڻ کي يا ته دفن ڪيو وڃي يا احتياط سان ڪنهن جڳھ تي رکيو وڃي، ان استعمال ٿيل مسواڪ (يعني ڏندڻ) کي ايئن ئي اڇلائي ڇڏڻ درست ناهي. آخر ان جو ڇا سبب آهي؟ حڪمت ڇا آهي جو مسواڪ (يعني ڏندڻ) جو ايڏو ادب ضروري آهي؟ مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه ان جون 2 حڪمتون لکيون آهن: (1): مسواڪ(ڏندڻ) سنّت ادا ڪرڻ جو آلو آهي (يعني هيءَ ننڍڙي ڪاٺي جنهن کي ڏندڻ چيو ويندو آهي، ان ڪاٺيءَ کي حضور جانِ ڪائنات، فخرِ موجودات صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي هڪ عمل مبارڪ سان نسبت ٿي وئي، مسلمان ٻانهي سنّتِ مصطفٰي جي ادائگيءَ جي لاءِ ان ڪاٺيءَ کي استعمال ڪيو آهي، تنهنڪري هي ڪاٺيءَ جو هڪ ٽڪرو سنّت مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نسبت رکڻ جي ڪري قابل احترام آهي). (2): ٻئي حڪمت هي آهي ته  مسلمان جي وات جو پاڻي (يعني مسلمان جي وات جو لُعاب) پاڪ آهي، ڇوته مسواڪ(ڏندڻ) مسلمان جي وات ۾ استعمال ٿيندو آهي، لهٰذا مسلمان جو لُعاب جيڪو هن مسواڪ(ڏندڻ) سان لڳو آهي، ان جو ادب ڪندي، مسواڪ(ڏندڻ) کي يا ته دفنايو وڃي يا محفوظ جڳھ تي احتياط سان رکيو وڃي ته جيئن مسلمان جي لُعاب جي بيحرمتي نه ٿئي. مفتي امجد علي اعظمي رَحْمَةُ اللهِ عَلَيْه وڌيڪ فرمائن ٿا: عالم سڳورا فرمائن ٿا: بيتُ الخلا (يعني واش روم) ۾ ٿڪڻ منع آهي، سبب؟ ڇا جي ڪري منع آهي؟ ان ڪري جو مسلمان جو لُعاب پاڪ آهي، بيتُ الخلا جهڙي جڳھ تي هن پاڪ شيءِ کي اڇلائڻ مناسب ناهي،[1]

پيارا اسلامي ڀائرو! اندازو لڳايو! هڪ مسواڪ(ڏندڻ)کي جڏهن رسولِ اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان نه بلڪ سندن هڪ سنّت سان نسبت ٿي ته ان جي عزّت ٿي وئي ته اهو انسان جنهن جو عزّت واري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم سان ايمان جو رشتو آهي، ان جي ڪيڏي عزّت ٿيندي...؟ پوءِ هي به غور ڪريو! ته مسلمان جي لُعاب جي جڏهن ايڏي عزّت آهي ته ان کي ناپاڪ جڳھ تي اڇلائڻ کان عالمن منع فرمايو آهي ته ٿورو سوچيو! خود مسلمان جي پنهنجي عزّت ڪيڏي هوندي...؟


 

 



[1]...بہارِ شریعت، جلد:1، صفحہ:294، حصہ:2 خلاصۃً۔



$footer_html