$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

هن آيتِ ڪريمه ۾ صاف صاف فرمائي ڇڏيو ته عزّت الله ربُّ العزّت جي آهي، ان جي عطا سان ان جا محبوب صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم عزّتن وارا آهن ۽ محبوب اڪرم، نورِ مجسم صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي صدقي ۾ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جو هر هڪ غلام عزّت وارو آهي. تفسيرِ صراط الجنان ۾ آهي: هن آيت مان چار مسئلا معلوم ٿيا: (1) هرمؤمن عزّت وارو آهي، ڪنهن مسلم قوم کي ذليل ڄاڻڻ يا ان کي ڪميڻو چوڻ حرام آهي (2) مؤمن جي عزت ايمان ۽ نيڪ اعمال سان آهي، رپين پيسن سان ناهي (3) مؤمن جي عزّت هميشه لاءِ آهي، فاني ناهي، ان ڪري مؤمن جي لاش ۽ قبر جي به عزّت ڪئي وڃي (4) جيڪو مؤمن کي ذليل سمجهي، اهو الله پاڪ جي ويجهو ذليل آهي، ٻانهو غريب هجي، مسڪين هجي پر هجي مسلمان ته اهو عزّت وارو آهي جڏهن ته ڪو ڪيترو به امير هجي مالدار هجي پر هجي ڪافر ته عزّت وارو ناهي بلڪ جانورن کان به بَدتَرين آهي.[1] اميرِ اهلسنّت دَامَـتْ بَـرَكَـاتُـهُـمُ الْـعَـالِـيَـهْ پنهنجي عشق ڀري جذبات جو اظهار ڪجھ هيئن ڪن ٿا:

صاحبِ عزّت و جلال آقا                      تُو ہے باعظمت و کمال آقا

میں ہوں بےرُوپ، بےجمال آقا          کچھ نہیں ڈھنگ اور کمال آقا

تری رحمت ہی سے ملی عزّت                 خاک مجھ میں ہے کچھ کمال آقا

ٹھوکریں دربدر کی کیوں کھاؤں                 تیرے دَم سے ہوں مالا مال آقا

تم نے ہی سر بلندیاں بخشیں                  مجھ میں کچھ بھی نہ تھا کمال آقا

آپ نے صِرْف اپنی رحمت سے            بخشی  عزّت  دیا  جلال  آقا[2]

مسلمان جي لُعاب جي به عزّت آهي

بهارِ شريعت ۾ هڪ مسئلو لکيل آهي، ان جو خلاصو هي آهي ته ڏندڻ جنهن


 

 



[1]...تفسیر صراط الجنان، پارہ:28، سورۂ منٰفقون، تحت الآیۃ:8، جلد:10، صفحہ:169۔

[2]...وسائل بخشش، صفحہ:174تا175ملتقطاً۔



$footer_html