Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
اي عاشقانِ رسول! قربان وڃو! رسولِ خدا، احمد مجتبٰي صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جي انهن خوش گوار ۽ نرالي ادائن تي...!! ٻنهي جهانن جا سردار آهن، الله پاڪ پنهنجي محبوبيت جو تاج عطا فرمايو، نبين جو امام بڻايو، ايڏو اَرۡفَع ۽ اعلٰي بلند ترين مقام هئڻ جي باوجود مبارڪ اندازَ ڏسو! ڪهڙا نرالا آهن، هڪ غلام حاضر ٿئي ٿو ۽ سرڪارِ مدينه، راحتِ قلب و سينه صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم انهن کي پنهنجي چادر عطا فرمائن ٿا. سُبْحٰنَ اللہ!
تم عرش کے تاجدار مولیٰ تم فرش کے باوقار آقا
اس شان کے ہم نے کیا کسی نے دیکھے نہیں زِینہار آقا
ایسا تو کہیں سُنا نہ دیکھا بندوں کا اُٹھائیں بار آقا
جن کی کوئی بات تک نہ پوچھے ان پر تمہیں آئے پیار آقا
ہو جانِ حسنؔ نثار تجھ پر ہو جاؤں ترے نثار آقا [1]
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! الله پاڪ مسلمانن کي عزّت سان نوازيو آهي، ڪو غريب آهي يا امير، ڪو اڇو آهي يا ڪارو، هر اهو شخص جنهن جي دل ۾ ايمان جو نور موجود آهي، ان جي مٿي تي عزّت جو تاج به سجايل آهي الله پاڪ قرآنِ ڪريم ۾ ارشاد فرمائي ٿو:
وَ لِلّٰهِ الْعِزَّةُ وَ لِرَسُوْلِهٖ وَ لِلْمُؤْمِنِیْنَ (سيپارو:28،سورة منٰفقون:8)
ترجموڪنزالعرفان:حالانڪ عزت ته الله ۽ ان جي رسول ۽ مسلمانن جي ئي لاءِ آهي.