Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
اڳرائي ڪرڻ وارو الله پاڪ جو مُقرّب آهي. ³ سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان به بَري آهي جيئن منهنجي مڪي مدني آقا، مٺي مٺي مصطفيٰ صَلَّى اللهُ عَلَيْهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّم جن جو فرمان آهي: سلام ۾ اڳرائي ڪرڻ وارو تَڪَبُّر کان بَري آهي۔ ³ سلام (۾ اڳرائي) ڪرڻ واري تي 90 رحمتون ۽ جواب ڏيڻ واري تي 10 رحمتون نازل ٿينديون آهن. ³ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چوڻ سان 10 نيڪيون ملن ٿيون، گڏوگڏ وَرَحْمَۃُ الله به چوندا ته 20 نيڪيون ٿي وينديون ۽ وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪندؤ ته 30 نيڪيون ٿي وينديون. ³ اهڙيءَ طرح جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہٗ چئي ڪري 30 نيڪيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون ³ ڪي ماڻهو سلام سان گڏ جنّتُ الۡمقام ۽ دوزخُ الۡحرام جا الفاظ به وڌائيندا آهن اِهو غلط طريقو آهي، ۽ هي جملو لُغَتَ جي حساب سان به غلط آهي بلڪ ڪي ماڻهو ته مَعاذالله عَزَّوَجَلَّ ايتري تائين بڪندا آهن، اوهان جا ٻار اسان جا غلام. امام احمد رضا فتاوي رضويه جلد 22 صفحي 409 تي فرمائن ٿا: گهٽ ۾ گهٽ اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ ۽ ان کان بهتر وَرَحْمَۃُ اللہ ملائڻ ۽ سڀ کان بهتر وَبَرَکَاتُہٗ شامل ڪرڻ آهي هن تي زيادتي (يعني اضافو) ناهي. سلام ڪرڻ واري اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ چيو ته جواب ۾ وَعَلَیْکُمُ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللہ چئي ۽ جيڪڏهن سلام ڪرڻ واري اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ وَرَحْمَۃُ اللہ چيو ته هي وَعَلَیْکُمُ السَّلَامُ وَرَحْمَۃُ اللہِ وَبَرَکَاتُہٗ چئي ۽ سلام ڪرڻ واري وَبَرَکَاتُہٗ چيو ته جواب ڏيڻ به ايترو ئي چئي هن کان وڌيڪ ناهي ³ سلام جو جواب فوراً ۽ ايتري آواز سان ڏيڻ واجِب آهي جو سلام ڪرڻ وارو ٻڌي وٺي. سلام ۽ ان جي جواب جي درست ادائيگي ياد فرمائي وٺو. پهريان مان چوان ٿو توهان ٻڌي ڪري پڙهو: اَلسَّلَامُ عَلَیْکُمْ (اَسۡ. سَلَا. مُ.عَلَيۡ. ڪُم) هاڻي پهريان مان جواب ٻڌايان ٿو پوءِ توهان ان کي پڙهو: (وَ. عَ. لَيۡڪُ. مُسۡ. سَلام).[1]
رضائے حق کیلئے تم سلام عام کرو سلامتی کے طلب گارہو سلام کرو
طرح طرح جون هزارين سنتون سکڻ جي لاءِ مڪتبة المدينه جي شايع ٿيل 312 صفحن تي مشتمل ڪتاب ”بهار شريعت“ جلد: 3 حصو 16 ۽شيخِ طريقت، اميرِ