Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye
الحمد لله! مدني قافلي جي برڪت سان بُرن عقيدن ۽ نشي جي بُري عادت کان توبھ جي توفيق به ملي وئي، بيان ڏيڻ وقت مان جامعةُ المدينه ۾ درجه ثانيه (يعني ٻئي سال) جو طالبِ علم آهيان.[1]
اچّھی نیّت کا پھل پاؤ گے بے بدل سب کرو نیّتیں قافلِے میں چلو
دُور بیماریاں اور ناداریاں ہوں ٹلیں مشکلیں قافلے میں چلو
صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب! صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد
پيارا اسلامي ڀائرو! بيان کي اختتام جي طرف آڻيندي سنّت جي فضيلت ۽ ڪجھ آدابِ زندگي بيان ڪرڻ جي سَعادت حاصل ڪريان ٿو. تاجدار رسالت. شهنشاھِ نبوت صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ فرمايو: مَنْ اَحَبَّ سُنَّتِي فَقَدْ اَحَبَّنِي وَمَنْ اَحَبَّنِي كَانَ مَعِي فِي الْجَنَّةِ جنهن منهنجي سنّت سان محبت ڪئي ان مون سان محبت ڪئي ۽ جنهن مون سان محبت ڪئي اهو جنّت ۾ مون سان گڏ هوندو. [2]
سینہ تیری سُنّت کا مدینہ بنے آقا! جنت میں پڑوسی مجھے تم اپنا بنانا
فرمانِ مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ: اَلسَّلَامُ قَبْلَ الْکَلَامِ ؛ سلام ڳالھ ٻولھ کان پهريان آهي.[3]
پيارا اسلامي ڀائرو! مسلمان سان ملاقات ڪرڻ وقت ان کي سلام ڪرڻ سنّت آهي. ³ سلام ڪرڻ وقت دل ۾ اها نيّت هجي ته جنهن کي سلام ڪري رهيو آهيان ان جو مال ۽ عزت، آبرو سڀ ڪجھ منهنجي حفاظت ۾ آهن ۽ مان انهن مان ڪنهن شيء ۾ دخل اندازي ڪرڻ حرام سمجھان ٿو ³ ڏينهن ۾ ڪيترائي ڀيرا ملاقات ٿئي، هڪ ڪمري کان ٻئي ڪمري ۾ بار بار اچ وڃ ٿئي، اتي موجود مسلمانن کي سلام ڪرڻ ثواب جو ڪم آهي ³ سلام ۾