$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

یا الٰہی! جب بہیں  آنکھیں  حسابِ جرم میں   اُن تبسم ریز ہونٹوں  کی دعا کا ساتھ ہو

صَلُّوْا عَلَی الْحَبیب!                                                صَلَّی اللّٰہُ عَلٰی مُحَمَّد

12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم: مدني قافلو

پيارا اسلامي ڀائرو! بااخلاق ۽ باڪردار ۽ سٺو مسلمان بڻجڻ جي لاءِ عاشقانِ رسول جي ديني تحريڪ دعوتِ اسلامي جي ديني ماحول سان وابسته ٿي وڃو، ذيلي حلقن جي 12 ديني ڪمن ۾ به خوب وڌي ڪري حصو وٺو! اِنْ شَآءَ اللہُ الْکَرِیْم! زندگي ۾ بهار ايندي، ڪردار نکري ڪري صاف سٿرو ٿي ويندو ۽ دين ۽ دنيا جون بي شمار ڀلايون نصيب ٿينديون. ذيلي حلقي جي 12 ديني ڪمن مان هڪ ديني ڪم آهي: مدني قافلو. اچو! ترغيب جي لاءِ هڪ مدني بهار ٻڌؤن ٿا:

 نشي جي بُري عادت ختم ٿي وئي

جيڪب آباد سنڌ جي علاقي سان تعلق رکڻ واري اسلامي ڀاءُ جو بيان ڪجھ هن طرح آهي: پهريان مان غلط عقائد رکڻ وارو ۽ اخلاقي بُرائين جي اونهي کاهيءَ ۾ ڪريل هيس روزانو رات جو 8 کان 12 وڳي تائين ڀنگ، چرس ۽ شراب وغيره جو نشو ڪندو هيس، پوءِ نشي ۾ چور ٿي ڪري گهر پهچندو هيس ۽ بستري تي بي خبر ٿي ڪري سمهندو هيس منهنجي امڙ منهنجي حالت ڏسي ڪري روئيندي رهندي هئي ۽ مونکي سمجهائيندي هئي پر مون تي ٿورو به اثر نه ٿيندو هو، پوءِ اندازي مطابق 2010ء ۾ اسان جي علاقي ۾ سيلاب آيو ته اسان هڪ محفوظ مقام تي پناھ ورتي. اتي مان گهڻو بيمار ٿي ويس، منهنجي خوش نصيبي جو انهي دوران منهنجي ملاقات دعوتِ اسلامي سان وابسته هڪ اسلامي ڀاءُ سا ٿي وئي، جنهن جي انفرادي ڪوشش جي نتيجي ۾ زندگيءَ ۾ پهريون ڀيرو مونکي مدني قافلي ۾ سفر جي سعادت نصيب ٿي.


 

 



$footer_html