Musalman Ki Izzat Kijiye

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

³جڏهن ڪنهن جي طرف متوجھ ٿيندا ها  ته مڪمل توجھ فرمائيندا هئا ³ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڪنهن جي چهري تي نظر نه وجهندا هئا ³ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  ڪنواري ڇوڪريءَ کان به وڌيڪ حياء وارا هئا ³ سلام ۾ اڳرائي فرمائيندا هئا ³ ٻارن کي به سلام ڪندا هئا ³ جيڪو پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ کي پڪاريندو هو، جواب ۾ لَبَّيۡڪ (يعني مان حاضر آهيان) فرمائيندا هئا³ مجلس واري ڏي پير نه ڪندا هئا ³ اڪثر قبلي ڏانهن رخ ڪري ويهندا هئا ³ پنهنجي ذات جي لاءِ ڪڏهن به بدلو نه وٺندا هئا ³ بُرائي جو بدلو بُرائيءَ سان ڏيڻ جي بدران معاف فرمائي ڇڏيندا هئا ³ راھِ خدا ۾ جهاد کان علاوه ڪڏهن به ڪنهن کي پنهنجي مبارڪ هٿ سان نه ماريائون، نه ڪنهن غلام کي نه ڪنهن عورت (يعني گهرواري وغيره) کي ماريائون ³ ڳالهائڻ ۾ نرمي هوندي هئي پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جن فرمايو: الله پاڪ جي ويجهو قيامت جي ڏينهن ماڻهن مان سڀني کان بُرو اهو آهي جنهن کي ان جي بدڪلامي (بُري ڳالهائڻ) جي ڪري ماڻهو ڇڏي ڏين ³ پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ ڳالهائيندا ته (ايتري قدر آهسته هئا جو) لفظن کي ڳڻڻ وارو ڳڻي سگهندو هو³  طبيعت ۾ نرمي هئي ۽ تمام گهڻو خوش رهندا هئا ³ سخت گفتگو نه فرمائيندا هئا ³ ڪنهن جو عيب نه ڪڍندا هئا ³ ڪنهن جو عيب نه ڳولهيندا هئا ³ صرف اها ڳالھ ڪندا جيڪا (پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي حق ۾) ثواب جو باعث هجي ³ مسافر يا اجنبي ماڻهوءَ جي سخت ڪلامي سان سوال تي صبر فرمائيندا هئا ³ ڪنهن ڳالھ کي نه ٽاريندا البت جيڪڏهن ڪو حد کان وڌڻَ لڳندو هو ته ان کي منع فرمائيندا ۽ اتان کان اٿي ويندا هئا ³ سادگيءَ جو عالَم هي هو جو ويهڻ جي لاءِ ڪا خاص جڳھ به نه رکي هئائون ³ ڪڏهن چٽائي تي ته ڪڏهن ايئن ئي زمين تي به آرام فرمائيندا هئا ³ ڪڏهن ٽَهڪُ (يعني ايتري آواز سان کلڻ جو ٻيا ماڻهو هجن ته ٻڌي وٺن) نه ڏنائون ³ صحابهءِ ڪرام عَليهِمُ الرِّضۡوان فرمائن ٿا: پاڻ ڪريمصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کان وڌيڪ مسڪرائڻ وارا هئا (يعني موقع جي مناسبت سان) حضرت عبد الله بن حارث رَضِىَ اللهُ عَـنْهُما فرمائن ٿا ته مون رسولُ اللهصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَکان وڌيڪ مُسڪرائڻ وارو ڪير ناهي ڏٺو.[1]


 

 



[1]...احترام مسلم، صفحہ:27 تا30۔