Musalman Ki Izzat Kijiye

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

جون ڪجھ پياريون پياريون ادائون ٻڌون ٿا، پياري نبي، رسولِ هاشمي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جون هي پياريون ادائون به مسلمانن جي عزّت ڪرڻ جي لاءِ اسان جي لاءِ رهنما آهن. ³ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ هر وقت پنهنجي زبان جي حفاظت فرمائيندا ۽ صرف ڪم جي ئي ڳالھ ڪندا هئا ³ اچڻ وارن کي محبت ڏيندا، اهڙي ڪا ڳالھ يا ڪم نه ڪندا هئا جنهن سان نفرت پيدا ٿئي ³قوم جي معزز ماڻهوءَ جو لحاظ فرمائيندا ۽ ان کي قوم جو سردار مقرر فرمائيندا هئا ³ماڻهن کي الله پاڪ جي خوف جي تلقين فرمائيندا هئا ³ صحابهءِ ڪرام جي سارَ لهندا هئا ³ ماڻهن جي چڱي ڳالهين جي چڱائي بيان فرمائيندا ۽ ان جي تقويت فرمائيندا، بُري شيءِ کي  بُرو ٻڌائيندا ۽ ان تي عمل ڪرڻ کان روڪيندا هئا ³ هر معاملي ۾ اعتدال (يعني وچٿرائي) سان ڪم وٺندا هئا ³ ماڻهن جي اصلاح فرمائيندا رهندا هئا ³ پاڻ سڳورا صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ اٿندي ويهندي (يعني هر وقت) ذڪر الله ڪندا رهندا هئا ³ جڏهن ڪٿي تشريف کڻي ويندا هئا ته جتي جڳھ ملندي هئي اتي ويهي رهندا ۽ ٻين کي به ان جي تلقين فرمائيندا هئا ³ سڀني جي حقن جو لحاظ رکندا هئا ³ پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي خدمت ۾ حاضر رهڻ واري هر ماڻهوءَ کي اِهوئي محسوس ٿيندو هو ته پاڻ صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ سڀني کان وڌيڪ مونکي چاهين ٿا خدمتِ بابرڪت ۾ حاضر ٿي ڪري ڳالهائڻ واري سان ان وقت تائين تشريف فرما رهندا هئا جيستائين اهو پاڻ نه هليو وڃي ³ جڏهن ڪنهن سان مصافحو فرمائيندا (يعني هٿ ملائيندا هئا) ته پنهنجو هٿ ڇڪڻ ۾ اڳرائي نه فرمائيندا هئا ³ سائل (يعني گهرڻ واري) کي عطا فرمائيندا هئا ³ پاڻ ڪريمن صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جي سخاوت ۽ خوش خُلقي هر هڪ جي لاءِ عام هئي ³ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي علم جي مجلس، بُردباري، حياء، صبر ۽ امانت جي مجلس هئي ³پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي مجلس ۾ نه شور ۽ دانهون هونديون هيون نه ڪنهن جي تذليل (يعني بيعزّتي) ³ پاڻ ڪريم صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ  جي مجلس ۾ جيڪڏهن ڪنهن سان ويسَر ٿي ويندي هئي ته ان کي شهرت نه ڏني ويندي هئي