$header_html

Book Name:Musalman Ki Izzat Kijiye

ٿا. اسلامڪ اي بُڪ لائبريري هڪ موبائل ايپليڪيشن آهي جيڪا اينڊرائڊ ۽  IOS ٻنهي طرح جي ڊيوائز جي لاءِ موجود آهي هن ايپليڪيشن ۾ اسلامي ڪتاب مختلف زبانن ۾ دستياب آهن، ۽ جيڪڏهن ڪنهن کي ڪتاب پڙهڻ ۾ مشڪل هجي ته اهڙا ماڻهو آڊيو بُڪ لائبريري جي ذريعي ڪتابَ ٻڌي به علمِ دين کان فائدو کڻي سگهن ٿا، هن ايپليڪيشن جي ذريعي مڪتبة المدينه کان شايع (Publish) ٿيڻ وارا ڪتاب مفت ڊائون لوڊ به ڪري سگهجن ٿا، هي ايپليڪيشن پنهنجي موبائل ۾ انسٽال ڪري وٺو، پاڻ ٻه فائدو کڻو ۽ ٻين کي به ترغيب ڏياريو.

ٻين جي عزّت جا محافظ بڻجو!

اي عاشقانِ رسول! اسان مسلمان آهيون ۽ اسلام اسان کي ٻين جي عزّت جو محافظ بڻايو آهي، ان ڪري اسان کي ٻين جي عزّت ته ڪرڻي ئي ڪرڻي آهي، ان سان گڏوگڏ ٻين جي عزّت تي پهرو به ڏيڻو آهي. ³ مثال طور ڪو اسان جي مسلمان ڀاءُ جي غيبت ڪري رهيو آهي، هاڻي اسان تي لازم آهي ته ان کي غيبت کان روڪيون ³ جيڪڏهن روڪي نٿا سگهون ته اتان کان اٿي وڃون
³ اهڙي طرح ڪو اسان جي مسلمان ڀاءَ جو مذاق بڻائي رهيو آهي، ان کي طعنا ڏئي رهيو آهي، ان جا عيب ظاهر ڪري رهيو آهي ته جيستائين ٿي سگهي اسان کي گهرجي ته حڪمتِ عمليءَ سان پنهنجي مسلمان ڀاءَ جي عزّت جي حفاظت ڪريون ۽ ثواب ڪمايون. حضرت ابو درداء رَضِىَ اللهُ  عَـنْهُ کان روايت آهي ته پياري آقا، مديني واري مصطفٰيصَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ جن ارشاد فرمايو: جيڪو به پنهنجي مسلمان ڀاء جي عزّت جي حفاظت ڪندو آهي الله پاڪ قيامت جي ڏينهن ان جي جهنم کان حفاظت فرمائيندو،[1]

مسلمانن جي عزّت وڌائڻ جا نبوي انداز

اي عاشقانِ رسول! اچو! آخر ۾ پياري پياري آقا، مڪي مدني مصطفٰي صَلَّى اللهُ عَلَيۡهِ وَاٰلِهٖ وَسَلَّمَ 


 

 



[1]...شرح السنہ، کتاب البر والصلۃ، باب الذب عن المسلمین، جلد:7، صفحہ:346، حدیث:3528۔



$footer_html